1.سموئيل 12:22 - Muslim Sindhi Bible22 خداوند پنهنجي عظيم نالي جي سببان، پنهنجيءَ قوم کي ڇڏي ڪين ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي مرضيءَ موجب اوهان کي پنهنجي قوم بڻايو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible22 ۽ خداوند پنهنجي وڏي نالي جي سببان، پنهنجي قوم کي ڪين ڇڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند جي مرضي اها آهي تہ اوهان کي پنهنجي قوم ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صافدليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.
تڏهن هو ٻاهر نڪري وڃي بادشاهہ آسا ۽ يهوداہ ۽ بنيامين قبيلي وارن سان مليو ۽ کين چيائين تہ ”اي آسا! اي سڀيئي يهوداہ ۽ بنيامين وارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهين خداوند سان هوندا تہ پوءِ خداوند بہ توهان ساڻ هوندو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جا طالبو ٿيندا تہ هو بہ اوهان تي راضي ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين هن کي ڇڏي ڏيندا تہ هو بہ اوهان کي ڇڏي ڏيندو.
هنن تنهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، ۽ جيڪي معجزا تو هنن لاءِ ڪيا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون. هو ڏاڍا مغرور ٿي ويا، ۽ بغاوت ڪندي پاڻ مان هڪڙو اڳواڻ مقرر ڪيائون، تہ جيئن وري وڃي مصر جي غلاميءَ ۾ پون. پر تون اهڙو خدا آهين جيڪو معاف ڪرڻ لاءِ تيار، مهربان، رحم ڀريو، ڪاوڙ ۾ ڍرو ۽ شفقت سان ڀرپور آهين. انهيءَ ڪري تو هنن کي وساري نہ ڇڏيو.
اوهين پنهنجي نيڪوڪاريءَ يا دل جي سچائيءَ جي ڪري سندن ملڪ تي قبضو ڪرڻ نہ ٿا وڃو، بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا کين اتان ڀڄائي ٿو ڪڍي. هو انهيءَ لاءِ بہ کين ڀڄائي ٿو ڪڍي تہ جيئن خداوند پنهنجي انهيءَ واعدي کي پورو ڪري، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.