Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:20 - Muslim Sindhi Bible

20 تڏهن سموئيل ماڻهن کي چيو تہ ”ڊڄو نہ. هيءَ سموري بڇڙائي تہ اوهان برابر ڪئي آهي، پر تنهن هوندي بہ خداوند جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان نہ ڦرو، بلڪ اوهين پنهنجي دل وَ جان سان خداوند جي عبادت ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 تڏهن سموئيل ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ: حقيقت ۾ هيءَ سڀ خرابي اوهان جي ڪيل آهي: انهيءَ هوندي بہ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان نہ ڦرو، پر پنهنجي سموري دل سان خداوند جي عبادت ڪريو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


آءٌ ڪنهن بہ بڇڙائيءَ کي برداشت نہ ڪندس. بلڪ جيڪي ڏنگيءَ راهہ تي هلن ٿا، تن جي ڪمن کان مون کي نفرت آهي. انهن ماڻهن سان منهنجو ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي.


پر جيڪي پنهنجين ڏنگين واٽن ڏانهن ڦري وڃن ٿا، تن کي تون بدڪارن سان گڏ سزا ڏي! شال بني اسرائيل ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي!


بيشڪ اهي انسان سڀاڳا آهن، جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن، ۽ مغرورن ۽ ڪُوڙن معبودن ڏانهن مائل ڪين ٿا ٿين.


مون خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو تہ آءٌ اوهان جي کاڌي پيتي ۾ برڪت وجھندس. آءٌ اوهان جي وچان بيماريون ڪڍي ڇڏيندس.


ٻئي ڏينهن تي موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”اوهان تمام وڏو گناهہ ڪيو آهي. سو هاڻي آءٌ خداوند وٽ مٿي چڙهي ٿو وڃان، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهان جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪريان.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي ۽ اُها وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻجي، تہ پوءِ ڇا سندس پهريون مڙس وري وٽس ويندو؟ ائين ڪرڻ سان ڇا ملڪ بلڪل پليت نہ ٿيندو؟ ساڳئيءَ طرح اي منهنجي قوم! تون بہ هڪ ڪڃريءَ وانگر گھڻن ئي يارن سان رهي آهين، انهيءَ حالت ۾ آءٌ تو کي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگھان؟


جڏهن آءٌ اوهان جي وڏن کي مصر مان ڪڍي آيو هئس، تڏهن مون انهن سان عهد ٻڌو هو تہ آءٌ انهن سان هميشہ گڏ هوندس. هاڻي آءٌ اوهان سان بہ گڏ آهيان سو اوهين همت نہ هاريو.


”هاڻي اي بني اسرائيل! خداوند اوهان جو خدا اوهان کان ڇا ٿو گھري؟ رڳو ايترو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، سندس سڀني واٽن تي هلو، ساڻس محبت رکو ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو.


سو خبردار رهجو، متان اوهان جي دل ٺڳجي وڃي ۽ اوهين گمراهہ ٿي غير معبودن جي پوڄا ڪريو ۽ انهن جي اڳيان سجدو ڪريو.


مون کي يقين آهي تہ منهنجي مرڻ کان پوءِ اهي پاڻ کي بلڪل بگاڙي ڇڏيندا ۽ جنهن واٽ جو مون کين حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦري ويندا. تڏهن پوين ڏينهن ۾ هنن تي مصيبتون اينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجن هٿن سان اهڙا ڪم ڪري خداوند کي غصو ڏياريندا، جيڪي سندس نظر ۾ برا آهن.“


تنهنڪري جيڪي موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تنهن جي سڀني حڪمن تي خبرداريءَ ۽ گھڻي همت سان عمل ڪجو، انهيءَ کان ساڄي يا کاٻي پاسي نہ مڙجو.


۽ پنهنجي نيت کي صاف رکڻ سان. پوءِ جيڪي ماڻهو اوهان کي مسيح جي پوئلڳ هئڻ ڪري اوهان جي چڱي هلت چلت بابت گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين، سي پنهنجي انهيءَ بدزبانيءَ تي شرمندا ٿيندا.


سو سڀني ماڻهن سموئيل کي چيو تہ ”تون اسان پنهنجي ٻانهن جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گھُر، تہ اسين مري نہ وڃون، ڇاڪاڻ تہ اسان پنهنجن سمورن گناهن مٿان هيءَ بڇڙائي بہ وڌائي ڇڏي آهي، جو پنهنجي لاءِ بادشاهہ گھُريو اٿئون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ