Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ سموئيل خداوند کي عرض ڪيو تہ خداوند انهيءَ ئي ڏينهن گجگوڙون ۽ مينهن موڪليا. تڏهن سڀيئي ماڻهو خداوند ۽ سموئيل کان تمام گھڻو ڊنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پوءِ سموئيل خداوند کي عرض ڪيو؛ ۽ خداوند انهي ڏينهن گجگوڙ ۽ مينهن موڪليو: ۽ سڀ ماڻهو خداوند کان ۽ سموئيل کان تمام گهڻو ڊنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:18
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اخي‌اب کائڻ پيئڻ لاءِ اٿيو، پر الياس ڪرمل جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جتي هو پنهنجي گوڏن ۾ منهن وجھي زمين تي جھڪي ويهي رهيو.


تڏهن يهوداہ ۽ بنيامين علائقن جا سڀيئي مرد ٽن ڏينهن جي اندر نائين مهيني جي ويهين تاريخ تي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا. اهي سڀيئي ماڻهو خدا جي گھر اڳيان کُليل ميدان ۾ ويٺا رهيا ۽ ان واقعي ۽ سخت برسات جي ڪري ڏاڍا ڏکيارا هئا.


پوءِ خواہ سيکت جي لاءِ توڙي رحمت جي لاءِ، هو اهو حڪم بجا آڻين ٿا.“


موسيٰ ۽ هارون ٻيئي خداوند جا ڪاهن هئا، ۽ سموئيل بہ سندس نالو وٺي پڪاريندو هو، سو خداوند انهن جون دعائون قبول ڪندو هو.


جڏهن بني اسرائيل اها عظيم قدرت، جيڪا خداوند مصرين تي ظاهر ڪئي سا ڏٺي، تڏهن اهي خداوند کان ڊنا. انهيءَ سبب هنن خداوند تي ۽ سندس ٻانهي موسيٰ تي ڀروسو ڪيو.


انهيءَ ڏينهن خداوند امورين تي بني اسرائيل کي فتح بخشي. ساڳئي ڏينهن منجھند ڌاري يشوع خداوند کان دعا گھري ۽ پوءِ جيئن ”آشر جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي، تيئن هن بني اسرائيل جي روبرو هيئن چيو تہ ”اي سج! تون جِبعون شهر مٿان رڪجي وڃ، اي چنڊ! تون ايالون ماٿريءَ تي ترسي پئُہ.“ تڏهن سج رڪجي ويو ۽ چنڊ ترسي پيو، جيستائين بني اسرائيل قوم دشمنن کي شڪست نہ ڏني. سو سج آسمان جي وچ ۾ هڪ ڏينهن جيترو وقت هڪ هنڌ رڪجي ويو ۽ اولهہ ڏانهن نہ لڙيو.


پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارن ڪاهنن کي حڪم ڏي تہ هو اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر اچن.“ سو يشوع ڪاهنن کي حڪم ڏنو تہ ”اوهين اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر اچو.“ تڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارا ڪاهن بہ اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر آيا ۽ جيئن ئي انهن پنهنجا پير سڪيءَ زمين تي رکيا، تہ اردن درياءَ جو وهڪرو وري شروع ٿي ويو ۽ اڳي وانگر پاڻي ڪنارن کان ٻاهر وهڻ لڳو. انهيءَ ڏينهن خداوند بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي نظرن ۾ يشوع کي سرفراز ڪيو ۽ بني اسرائيل سندس سڄي حياتيءَ تائين کانئس اهڙو ڊڄندا رهيا جهڙو موسيٰ کان ڊڄندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ