Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:13 - Muslim Sindhi Bible

13 سو هاڻي اهو ئي اوهان جو بادشاهہ آهي، جنهن کي اوهان چونڊيو آهي ۽ جيڪو اوهان گھُري ورتو آهي. ڏسو، خداوند اوهان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تنهنڪري هاڻي اُهو بادشاهہ ڏسو، جنهن کي اوهان پسند ڪيو آهي، ۽ جو اوهان گهري ورتو آهي: ۽ ڏسو، خداوند هڪڙو بادشاهہ اوهان تي مقرر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن مون غصي ۾ اچي اوهان کي بادشاهہ ڏنا، ۽ پوءِ پنهنجي غضب وچان انهن کي بہ هٽائي ڇڏيو.


تڏهن هنن بادشاهہ جي گھُر ڪئي ۽ خدا بنيامين قبيلي مان قيش جي پٽ سائول کي سندن بادشاهہ مقرر ڪيو، جنهن چاليهن سالن تائين حڪومت ڪئي.


تڏهن سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ کي خداوند چونڊيو آهي، تنهن جهڙو سڄيءَ قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ ”شل بادشاهہ سلامت رهي.“


سو اهي سڀيئي ماڻهو جِلجال ڏانهن ويا ۽ اتي هنن خداوند جي حضور ۾ سائول جي بادشاهيءَ کي تسليم ڪيو. اتي ئي هنن خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون ۽ سائول ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن اتي ڏاڍيون خوشيون ملهايون.


ڇا هيءَ ڪڻڪ جي لاباري واري خشڪ موسم نہ آهي؟ پر آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ هو گجگوڙون ۽ مينهن موڪلي. پوءِ اوهين ڄاڻيندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گھُري اوهان خداوند جي نظر ۾ ڪيڏي نہ وڏي بڇڙائي ڪئي آهي.“


سو سڀني ماڻهن سموئيل کي چيو تہ ”تون اسان پنهنجي ٻانهن جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گھُر، تہ اسين مري نہ وڃون، ڇاڪاڻ تہ اسان پنهنجن سمورن گناهن مٿان هيءَ بڇڙائي بہ وڌائي ڇڏي آهي، جو پنهنجي لاءِ بادشاهہ گھُريو اٿئون.“


کيس چيائون تہ ”عرض آهي تہ جيئن تہ تون پوڙهو ٿي ويو آهين ۽ تنهنجا پٽ تنهنجيءَ راهہ تي پڻ ڪونہ ٿا هلن، تنهنڪري ٻين قومن وانگر تون هاڻي اسان تي ڪو بادشاهہ مقرر ڪر تہ هو اسان جي اڳواڻي ڪري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ