Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن خداوند جِدعون، برق، افتاح ۽ آخر ۾ مون سموئيل کي موڪليو. اسان مان هر ڪنهن اوهان کي اوهان جي دشمنن، جيڪي اوهان جي چوڌاري هئا، تن جي هٿان ڇڏايو ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ خداوند، يروبعل، ۽ بدان، ۽ افتاح، ۽ سموئيل موڪليا، ۽ اوهان کي سڀ ڪنهن پاسي اوهانجن دشمنن جي هٿان ڇڏايائين، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند اسرائيل وارن کي هڪڙو ڇڏائڻ وارو ڏنو، جنهن کين ارامين جي ظلم مان ڇڏايو ۽ اهڙيءَ طرح اسرائيل وارا اڳي وانگر پنهنجن گھرن ۾ امن وَ سڪون سان رهڻ لڳا.


اولام کي بدان نالي هڪڙو پٽ هو. اهي هئا جِلعاد ولد مڪير ولد منسيءَ جو اولاد.


هڪڙي ڏينهن هن برق ولد ابي‌نوعم کي نفتالي قبيلي واري علائقي جي قادس شهر مان گھرائي کيس چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا تو کي اهو حڪم ڏئي ٿو تہ ’تون نفتالي ۽ زبولون قبيلن منجھان ڏهہ هزار ماڻهو پاڻ سان وٺي تبور جبل ڏانهن وڃ.


تڏهن خداوند پنهنجي ملائڪ جي وسيلي جِدعون کي حڪم ڏنو تہ ”پنهنجي طاقت سان وڃي بني اسرائيل کي مديانين جي هٿن مان ڇڏاءِ. آءٌ پاڻ تو کي موڪليان ٿو.“


يوآس پنهنجي خلاف چوڌاري بيٺل ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا اوهين بعل ديوتا جي طرفداري ٿا ڪريو؟ ڇا اوهين کيس بچائڻ ٿا گھرو؟ جيڪو بہ انهيءَ جي طرفداري ڪندو سو صبح ٿيڻ کان اڳ ئي ماريو ويندو. جيڪڏهن بعل واقعي خدا آهي تہ پوءِ هو پاڻ پنهنجي طرفان وڙهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا قربان‌گاهہ ڊاهي ويئي آهي سا سندس ئي آهي.“


سو انهيءَ ڏينهن جِدعون جو نالو يربعل پئجي ويو، ڇو تہ يوآس چيو هو تہ ”جنهن بعل جي قربان‌گاهہ ڊاٺي آهي، تنهن سان بعل پاڻ پڄي.“


هڪڙي ڏينهن جِدعون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي ساڻس گڏ هئا سي سڀ صبح جو سوير اٿيا ۽ حرود چشمي جي ڀرسان وڃي پنهنجا خيما کوڙيائون. مديانين جي خيمي‌گاهہ هنن جي اتر طرف مورہ ٽڪريءَ جي ڀرسان ماٿريءَ ۾ هئي.


جِدعون موٽي وڃي پنهنجي گھر ۾ رهڻ لڳو.


جِدعون جيڪي بني اسرائيل سان ڀلايون ڪيون هيون تن لاءِ هو نڪي وري سندس گھراڻي جا شڪرگذار ئي رهيا.


تنهنڪري سڄي بني اسرائيل کي، دان کان وٺي بيرسبع تائين خبر پئجي ويئي تہ سموئيل خداوند جو نبي مقرر ٿيو آهي.


اهڙيءَ طرح فلستي شڪست کائي ويا ۽ وري ڪڏهن بہ بني اسرائيل جي سرحد اندر نہ آيا. جيستائين سموئيل جيئرو هو تيستائين خداوند جو هٿ فلستين جي خلاف رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ