Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 11:15 - Muslim Sindhi Bible

15 سو اهي سڀيئي ماڻهو جِلجال ڏانهن ويا ۽ اتي هنن خداوند جي حضور ۾ سائول جي بادشاهيءَ کي تسليم ڪيو. اتي ئي هنن خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون ۽ سائول ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن اتي ڏاڍيون خوشيون ملهايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ سڀ ماڻهو جلجال ڏي ويا؛ ۽ اُتي هنن سائول کي جلجال ۾ خداوند جي اڳيان بادشاهہ ڪيو؛ ۽ اُتي هنن خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي نذرانن جون قربانيون ذبح ڪيون؛ ۽ اُتي سائول ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن ڏاڍيون خوشيون ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 11:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ موٽي اردن درياءَ تي اچي پهتو ۽ بني يهوداہ بادشاهہ جو استقبال ڪرڻ ۽ کيس اردن درياءَ کان پار وٺي وڃڻ لاءِ جِلجال شهر تائين آيا.


هن بني اسرائيل جي ڪن جوانن کي موڪليو، جن ساڙڻ واريون قربانيون ڪيون ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن کي ڪهي سلامتيءَ جون قربانيون ڪيون.


پر انهيءَ جي بدران اوهين ٻٽاڪون هڻي فخر ٿا ڪريو. اهڙو سمورو فخر برو آهي.


پوءِ سموئيل بني اسرائيل قوم کي مصفاہ شهر ۾ خداوند جي حضور ۾ سڏائي گڏ ڪيو.


تڏهن سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ کي خداوند چونڊيو آهي، تنهن جهڙو سڄيءَ قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ ”شل بادشاهہ سلامت رهي.“


تون مون کان اڳ ۾ جِلجال شهر ڏانهن لهي وڃجاءِ، اتي آءٌ تو سان اچي ملندس، انهيءَ لاءِ تہ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪريان. تون ستن ڏينهن تائين اتي ترسجانءِ، جيستائين آءٌ تو وٽ اچان. اتي آءٌ تو کي ٻڌائيندس تہ تو کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي.“


پوءِ سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪي اوهان مون کي چيو، سو سڀ مون مڃيو ۽ اوهان جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيم.


ڇا هيءَ ڪڻڪ جي لاباري واري خشڪ موسم نہ آهي؟ پر آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ هو گجگوڙون ۽ مينهن موڪلي. پوءِ اوهين ڄاڻيندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گھُري اوهان خداوند جي نظر ۾ ڪيڏي نہ وڏي بڇڙائي ڪئي آهي.“


مگر ماڻهن سموئيل جي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳا تہ ”هرگز نہ، بلڪ اسان کي ضرور پنهنجي مٿان بادشاهہ گھرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ