Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 11:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ سموئيل ماڻهن کي چيو تہ ”اچو تہ جِلجال شهر ڏانهن هلون ۽ اتي بادشاهہ سان نئين سر اقرار ڪريون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تڏهن سموئيل ماڻهن کي چيو تہ اچو تہ جلجال ڏي هلون، ۽ اُتي نئين سر بادشاهي قائم ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 11:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ موٽي اردن درياءَ تي اچي پهتو ۽ بني يهوداہ بادشاهہ جو استقبال ڪرڻ ۽ کيس اردن درياءَ کان پار وٺي وڃڻ لاءِ جِلجال شهر تائين آيا.


بيت‌ايل، جِلجال ۽ بيرسبع ڏانهن نہ وڃو. هائو، اوهين هرگز انهن جي عبادت‌گاهن جا پيروڪار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ يقيناً انهن جا سڀيئي رهاڪو جلاوطن ڪيا ويندا، ۽ انهن شهرن کي نابود ڪيو ويندو.“


تون مون کان اڳ ۾ جِلجال شهر ڏانهن لهي وڃجاءِ، اتي آءٌ تو سان اچي ملندس، انهيءَ لاءِ تہ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪريان. تون ستن ڏينهن تائين اتي ترسجانءِ، جيستائين آءٌ تو وٽ اچان. اتي آءٌ تو کي ٻڌائيندس تہ تو کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي.“


پوءِ سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪي اوهان مون کي چيو، سو سڀ مون مڃيو ۽ اوهان جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيم.


ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جڏهن اشدود جا ماڻهو اٿيا، تہ ڇا ڏسن تہ دجون بت خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي. تڏهن هنن دجون بت کي کڻي وري پنهنجيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيو.


هو هر سال بيت‌ايل، جِلجال ۽ مصفاہ ڏانهن گشت ڪرڻ ويندو هو ۽ انهن سڀني جاين تي هو بني اسرائيل ۾ عدالت ڪندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ