1.سموئيل 10:3 - Muslim Sindhi Bible3 پوءِ تون جڏهن اڳتي وڌندين ۽ تبور واري شاهہبلوط وڻ وٽ پهچندين، تہ اتي تو کي ٽي ماڻهو ملندا جيڪي قرباني ڪرڻ واسطي بيتايل ڏانهن مٿي چڙهندا خدا جي حضور ۾ ويندا هوندا. انهن مان هڪڙي وٽ ٽي ڇيلا، ٻئي وٽ ٽي مانيون ۽ ٽئين وٽ مئي سان ڀريل هڪڙي مشڪ هوندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 تڏهن تون اُتان اڳتي وڃي تبور جي شاهہ بلوط وٽ ايندين، ۽ اُتي توکي ٽي ماڻهو بيت ايل ڏانهن مٿي چڙهندا خدا وٽ ويندا ملندا، هڪڙو ٽي ڇيلا کنيو ويندو، ۽ ٻيو ٽي نان کنيو ويندو، ۽ ٽيون شراب جي سانداري کنيو ويندو: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيئن تہ خدا جي عهد واري صندوق انهن ڏينهن ۾ اُتي ئي هئي ۽ فينحاس جيڪو هارون جو پوٽو ۽ اليعزر جو پٽ هو سو انهيءَ جي سنڀال ڪندو هو، تنهنڪري بني اسرائيل اتي وڃي خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا اسين پنهنجي همقوم بني بنيامين سان هڪ دفعو وري جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃون يا نہ؟“ تڏهن خداوند کين ورندي ڏني تہ ”وڃو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي آءٌ اوهان کي هنن تي فتح ڏيندس.“