Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 10:27 - Muslim Sindhi Bible

27 پر ڪن خبيث ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو ڀلا ڪيئن اسان کي بچائي سگھندو؟“ انهن هن کي حقير ڄاتو ۽ وٽس ڪوبہ نذرانو نہ آندائون. پر سائول خاموش ئي رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 پر ڪن شيطان زادن چيو تہ هي ماڻهو ڀلا ڪيئن اسان کي بچائي سگهندو؟ ۽ اُنهن هن کي حقير ڄاتو، ۽ وٽس ڪوبہ نذرانو نہ آندائون، پر هن ڪُڇيو ئي ڪين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 10:27
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتفاق سان بنيامين قبيلي جو هڪڙو خبيث ماڻهو سبع ولد بڪري اتي جِلجال ۾ هو. انهيءَ نفيل وڄائي رڙ ڪري چيو تہ ”يسيءَ جي پٽ دائود ۾ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، نڪي وري هاڻ هن سان ڪو اسان جو واسطو آهي. تنهنڪري اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هلون.“


هن موآبين کي پڻ شڪست ڏني ۽ انهن کي زمين تي قطار ۾ سمهاري رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين. هر ٻن رسين جي ماپ وارا ماڻهو هن مارائي ڇڏيا ۽ ٽين رسيءَ جي ماپ وارا جيئرا ڇڏي ڏنائين. اهڙيءَ طرح موآبي دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا.


سال بسال جيڪو بہ ايندو هو سو پاڻ سان نذرانو آڻيندو هو. نذرانن ۾ چانديءَ ۽ سون جا ٿانوَ، جبا، هٿيار، مصالحا، گھوڙا ۽ خچر هوندا هئا.


فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي ملڪ، ويندي مصر جي سرحد تائين جيڪي بہ بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪمراني ڪندو هو. هو سليمان کي ٽيڪس ڏيندا هئا ۽ انهيءَ جي سڄي حياتيءَ تائين سندس راڄ ٿي رهيا.


صور ملڪ جو بادشاهہ حيرام جيڪو هميشہ دائود جو دوست رهيو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ سليمان کي مسح ڪري سندس پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو ويو آهي، تڏهن هن سليمان ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا.


ڪي لُچا لُفنگا ماڻهو هن جي چوڌاري اچي گڏ ٿيا آهن ۽ رحبعام ولد سليمان جي مخالفت شروع ڪئي اٿائون، جڏهن تہ هو اڃا ننڍو ۽ فيصلي ڪرڻ ۾ پختو ڪين هو ۽ نہ وري انهن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ايتري سگھہ هئس.


سو خداوند انهيءَ جي هٿ هيٺ بادشاهت قائم ڪئي ۽ سڄي يهوداہ جي ماڻهن يهوسفط وٽ نذرانا پئي آندا، تان جو هو دولت ۽ عزت ۾ گھڻو وڌي ويو.


پر ٻوڙي ماڻهوءَ وانگر آءٌ سندن ڳالهيون نہ ٿو ٻڌان. گونگي ماڻهوءَ وانگر آءٌ کين ڪو جواب نہ ٿو ڏيان.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ هن لاءِ نذرانا آڻيندا. صبا ۽ شبا ملڪن جا بادشاهہ هن لاءِ سوغاتون آڻيندا.


ماڻهو جيڪي ڳالهيون ڪندا پيا وتن، تن سڀني ڏانهن بہ اوهين ڌيان نہ ڏيو. ائين نہ ٿئي جو اوهان کي پنهنجي نوڪر واتان اوهان جي باري ۾ بي‌عزتيءَ وارا لفظ ٻڌڻ ۾ اچن.


پر ماڻهن ماٺ ڪيو پئي ٻڌو ۽ جواب ۾ هڪڙو اکر بہ نہ ڪڇيائون، ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ حزقياہ کين اهو حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ هن کي ڪوبہ جواب نہ ڏنو وڃي.


هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي ان کي سجدو ڪيائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.


اهو ئي موسيٰ جنهن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟‘ تنهن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي انهيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني هئي.


ڪي ڪميڻا ماڻهو اوهان جي وچ مان نڪري پنهنجي شهر جي ماڻهن کي هيئن چئي گمراهہ ڪري رهيا هجن تہ ’اچو تہ اسين غير معبودن جي پوڄا ڪريون،‘ جن کان اوهين واقف نہ هجو.


تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن سموئيل کي چيو تہ ”اهي ڪير آهن جن چيو هو تہ ’سائول اسان تي حڪومت نہ ڪري‘؟ اهي ماڻهو اسان جي حوالي ڪر تہ اسين انهن کي قتل ڪريون.“


پر سائول چيو تہ ”اڄ اوهان مان ڪنهن کي بہ قتل نہ ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اڄ خداوند بني اسرائيل کي بچايو آهي.“


تڏهن يسيءَ هڪڙي گڏهہ تي مانيون، پراڻي مئي جي سانداري ۽ هڪڙو ڇيلو رکي اهو پنهنجي پٽ دائود جي هٿان سائول ڏانهن ڏياري موڪليو.


عيليءَ جا پٽ بدڪار هئا ۽ اهي خداوند جي ڪا پرواهہ نہ ڪندا هئا.


تنهنڪري هاڻي تون سوچ ۽ ويچار ڪر تہ تو کي ڇا ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي آقا ۽ سندس سڄي گھراڻي تي آفت نازل ٿيڻ واري آهي. باقي نابال تہ اهڙو خبيث ماڻهو آهي جو ڪوبہ ساڻس ڳالهائي ئي نہ ٿو سگھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ