1.سموئيل 10:25 - Muslim Sindhi Bible25 پوءِ سموئيل ماڻهن کي بادشاهت جا قاعدا قانون بيان ڪري ٻڌايا ۽ اهي هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏيائين. اهو ڪتاب هن خداوند جي مقدس خيمي ۾ رکي ڇڏيو. پوءِ سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible25 تڏهن سموئيل ماڻهن کي بادشاهت جو قاعدو بيان ڪري ٻڌايو، ۽ اُهو هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏيائين، ۽ اُهو خداوند جي اڳيان رکيائين، پوءِ سموئيل سڀني ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي گهر روانو ڪري ڇڏيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن يشوع انهن قبيلن کي واپس روانو ڪيو تڏهن کين دعا ڏنائين ۽ چيائين تہ ”هاڻي اوهان کي گھڻي دولت آهي، سو چوپايو مال، چاندي، سون، پتل، لوهہ ۽ ڪپڙا کڻي پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي وڃو. پنهنجي دشمنن وٽان هٿ آيل ڦر جي مال مان پنهنجي قوم وارن کي بہ وڃي حصو ڏجو.“ پوءِ يشوع هنن کي روانو ڪيو ۽ هو پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا. بني منسيءَ جي هڪڙي اڌ قبيلي کي موسيٰ بسن ۾ زمين ڏني هئي ۽ ٻئي اڌ قبيلي کي يشوع اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٻين بني اسرائيل جي ڀائرن سان گڏ زمين ڏني.