Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 10:24 - Muslim Sindhi Bible

24 تڏهن سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ کي خداوند چونڊيو آهي، تنهن جهڙو سڄيءَ قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ ”شل بادشاهہ سلامت رهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ اوهين انهي ماڻهوءَ کي ٿا ڏسو جنهن کي خداوند پسند ڪيو آهي، ۽ انهي جهڙو سڄي قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 10:24
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن دائود جو دوست حوسي ارڪي ابي‌سلوم وٽ آيو، تڏهن ابي‌سلوم کي چيائين تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي! خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“


تنهن جي اولاد مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن، تہ انهن کي اسين انهيءَ جي ئي جِبعت شهر ۾، خداوند جي فيصلي موجب ڦاسي ڏيئي لٽڪايون.“ بادشاهہ کين چيو تہ ”آءٌ اهي اوهان جي حوالي ڪندس.“


نہ تہ جڏهن توهان وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سمهندا تڏهن آءٌ ۽ منهنجو پٽ سليمان مجرم ليکيا وينداسون.“


ڇاڪاڻ تہ هن اڄ وڃي گھڻي تعداد ۾ ڏاند، متارا وهڙا ۽ رڍون قربان ڪيون آهن. هن سڀني شهزادن، تنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار ۽ ابي‌ياتر ڪاهن جي دعوت ڪئي آهي. هينئر هو ساڻس گڏ کائن پيئن ٿا ۽ چون ٿا تہ ’ادونياہ بادشاهہ زندہ آباد.‘


اُتي صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي سليمان کي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻجڻ لاءِ مسح ڪن. پوءِ اوهين نفيلون وڄائي چئجو تہ ’بادشاهہ سليمان زندہ آباد!‘


صدوق ڪاهن خداوند جي عهد جي صندوق واري تنبوءَ مان جيڪو زيتون جي تيل وارو سڱ آندو هو تنهن مان تيل کڻي سليمان کي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪيائين. تڏهن هنن نفيلون وڄايون ۽ سڀني ماڻهن وڏي آواز سان چيو تہ ”بادشاهہ سليمان زندہ آباد!“


تنهن کان پوءِ يهويدع ڪاهن بادشاهہ جي پٽ يوآس کي ٻاهر وٺي آڻي مٿس تاج رکيو ۽ بادشاهي ڪرڻ جي قاعدن قانونن جو ڪتاب سندس حوالي ڪيو. پوءِ يوآس کي مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو ويو ۽ ماڻهن تاڙيون وڄائي چيو تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“


تنهن بعد يهويدع جي اڳواڻيءَ ۾ شهزادي يوآس کي ٻاهر آندو ويو ۽ سندس مٿي تي تاج پهرايو ويو. پوءِ شهزادي کي بادشاهيءَ جي قاعدن قانونن جو ڪتاب ڏيئي پنهنجو بادشاهہ بڻايائون. انهيءَ لاءِ يهويدع ۽ سندس پٽن کيس مسح ڪيو ۽ پوءِ سڀيئي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“


ميڙ جا ماڻهو جيڪي هن جي اڳيان توڙي پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ”دائود جي پٽ جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“


تہ پوءِ اوهين هر حالت ۾ رڳو اهڙي شخص کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪجو، جنهن کي خداوند اوهان جو خدا چونڊي. اوهين پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن منجھان ئي ڪنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ بڻائجو، ڪوبہ ڌاريو ماڻهو جيڪو اوهان جي قوم بني اسرائيل جو نہ آهي، تنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر نہ ڪجو.


سو اهي سڀيئي ماڻهو جِلجال ڏانهن ويا ۽ اتي هنن خداوند جي حضور ۾ سائول جي بادشاهيءَ کي تسليم ڪيو. اتي ئي هنن خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون ۽ سائول ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن اتي ڏاڍيون خوشيون ملهايون.


پوءِ سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪي اوهان مون کي چيو، سو سڀ مون مڃيو ۽ اوهان جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيم.


سو هاڻي اهو ئي اوهان جو بادشاهہ آهي، جنهن کي اوهان چونڊيو آهي ۽ جيڪو اوهان گھُري ورتو آهي. ڏسو، خداوند اوهان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.


کيس هڪڙو جوان ۽ خوبصورت پٽ هو، جنهن جو نالو سائول هو. بني اسرائيل ۾ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪوبہ پُرڪشش ماڻهو ڪونہ هو. هو ايترو تہ ڊگھو هو جو ٻيا ماڻهو سندس ڪلهن تائين پهچندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ