Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 10:21 - Muslim Sindhi Bible

21 هن وري بنيامين جي قبيلي کي سندن گھراڻن موجب اڳتي آڻي ڪڻو وڌو تہ اهو مطرين جي گھراڻي جو نڪتو. پوءِ مطرين جي گھراڻي کي اڳتي آڻي سموئيل ڪڻو وڌو تہ اهو قيس جي پٽ سائول جو نڪتو. پر جڏهن هنن انهيءَ کي ڳوليو تہ کيس نہ لڌائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ هن بنيمين جو فرقو، سندن قبيلن موجب گڏ ڪيو، ۽ مطرين جو قبيلو چونڊي ڪڍيو ويو: ۽ سائول جو پٽ قيس ڪڍيو ويو؛ پر جڏهن هنن انهي کي ڳوليو تڏهن هو لڀي نہ سگهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 10:21
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابنير بنيامين قبيلي وارن جي ڪنن ۾ بہ وڃي اها ڳالهہ وڌي. پوءِ هو حبرون شهر ڏانهن ويو، انهيءَ لاءِ تہ دائود کي وڃي ٻڌائي تہ بني اسرائيل ۽ سڄو بنيامين جو قبيلو ائين ڪرڻ چاهي ٿو.


ڪڻو وجھڻ سان جھڳڙن کي ٽاري سگھجي ٿو، ۽ طاقتورن جي وچ ۾ انهيءَ جي وسيلي فيصلو ٿئي ٿو.


انهيءَ کان پوءِ ملاحن هڪٻئي کي چيو تہ ”اچو تہ اسين ڪُڻا وجھي ڏسون تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي.“ تڏهن هنن ڪڻا وڌا ۽ ڪُڻي ۾ يونس جو نالو نڪتو.


تڏهن هنن بادشاهہ جي گھُر ڪئي ۽ خدا بنيامين قبيلي مان قيش جي پٽ سائول کي سندن بادشاهہ مقرر ڪيو، جنهن چاليهن سالن تائين حڪومت ڪئي.


پوءِ سموئيل بني اسرائيل جي سڀني قبيلن کي اڳتي آڻي ڪڻو وڌو جيڪو بنيامين جي قبيلي جو نڪتو.


سو خداوند کان وري پڇيو ويو تہ ”ڇا اهو ماڻهو اڃا هتي نہ آهي؟“ تڏهن خداوند جي طرفان ورندي ڏني ويئي تہ ”ڏسو، هو سامان جي وچ ۾ لڪو ويٺو آهي.“


کيس هڪڙو جوان ۽ خوبصورت پٽ هو، جنهن جو نالو سائول هو. بني اسرائيل ۾ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪوبہ پُرڪشش ماڻهو ڪونہ هو. هو ايترو تہ ڊگھو هو جو ٻيا ماڻهو سندس ڪلهن تائين پهچندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ