Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 10:20 - Muslim Sindhi Bible

20 پوءِ سموئيل بني اسرائيل جي سڀني قبيلن کي اڳتي آڻي ڪڻو وڌو جيڪو بنيامين جي قبيلي جو نڪتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 تڏهن سموئيل اسرائيل جا سڀ فرقا گڏ ڪيا، ۽ بنيمين جو فرقو چونڊيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 10:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابنير بنيامين قبيلي وارن جي ڪنن ۾ بہ وڃي اها ڳالهہ وڌي. پوءِ هو حبرون شهر ڏانهن ويو، انهيءَ لاءِ تہ دائود کي وڃي ٻڌائي تہ بني اسرائيل ۽ سڄو بنيامين جو قبيلو ائين ڪرڻ چاهي ٿو.


انهيءَ کان پوءِ ملاحن هڪٻئي کي چيو تہ ”اچو تہ اسين ڪُڻا وجھي ڏسون تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي.“ تڏهن هنن ڪڻا وڌا ۽ ڪُڻي ۾ يونس جو نالو نڪتو.


بنيامين قبيلي بابت هن چيو تہ ”بني بنيامين خداوند جا پيارا آهن، جيڪي وٽس سلامتيءَ سان رهن ٿا. جيئن تہ خداوند انهن منجھہ رهي ٿو، سو هو ڏينهن رات سندن حفاظت ڪندو رهي ٿو.“


پر هاڻ اوهان مون خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اوهان کي سڀني آفتن ۽ مصيبتن کان بچائيندو آهيان. اوهان مون کي چيو آهي تہ ’اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر.‘ تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن پنهنجن قبيلن ۽ گھراڻن موجب الڳ ٿي مون خداوند جي آڏو بيهو.“


هن وري بنيامين جي قبيلي کي سندن گھراڻن موجب اڳتي آڻي ڪڻو وڌو تہ اهو مطرين جي گھراڻي جو نڪتو. پوءِ مطرين جي گھراڻي کي اڳتي آڻي سموئيل ڪڻو وڌو تہ اهو قيس جي پٽ سائول جو نڪتو. پر جڏهن هنن انهيءَ کي ڳوليو تہ کيس نہ لڌائون.


تڏهن سائول چيو تہ ”اي فوج جا سالارؤ! اوهين سڀيئي هتي ويجھا ٿيو ۽ جاچ ڪري ڏسو تہ اڄوڪي ڏينهن ڪهڙو گناهہ ٿيو آهي.


پوءِ سائول خداوند کان دعا گھري تہ ”اي بني اسرائيل جا خدا! تو اڄ پنهنجي ٻانهي کي ورندي ڇو نہ ڏني؟ اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! مون کي اڄ ٻڌاءِ تہ حقيقت ڇا آهي.“ تڏهن ڪُڻي وجھڻ سان يونتن ۽ سائول جا نالا نڪتا ۽ ٻيو ڪوبہ ماڻهو ڏوهاري ثابت نہ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ