Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 10:19 - Muslim Sindhi Bible

19 پر هاڻ اوهان مون خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اوهان کي سڀني آفتن ۽ مصيبتن کان بچائيندو آهيان. اوهان مون کي چيو آهي تہ ’اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر.‘ تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن پنهنجن قبيلن ۽ گھراڻن موجب الڳ ٿي مون خداوند جي آڏو بيهو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 پر اڄوڪي ڏينهن اوهان پنهنجي خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جو پاڻ اوهان کي اوهانجن سڀني آفتن ۽ مصيبتن مان بچائي ٿو؛ ۽ اوهان هن کي چيو آهي تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر. تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن فرقن موجب، ۽ پنهنجن هزارن موجب، خداوند جي اڳيان حاضر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 10:19
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انسان پنهنجا فيصلا پاڻ ٿو رٿي، مگر ٿئي اهو ئي ٿو جيڪي خداوند ٿو چاهي.


پر هوڏانهن خداوند بيت‌لحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“


بلڪ سڄو مهينو ملندن، جيستائين اهو سندن ناسن مان نڪري ۽ انهيءَ کان سندن دل ڪچي ٿيڻ لڳي، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند کي رد ڪيو آهي جو هنن منجھہ آهيان ۽ منهنجي اڳيان ميڪندي چيو اٿن تہ ’اسين ڇو مصر مان نڪري آياسين.‘“


”تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ هو تو کي پنهنجن اباڻن قبيلن مان هر هڪ سردار جي لٺ ڏين. ڪل ٻارهن لٺيون هجن. پوءِ تون هر هڪ ماڻهوءَ جي لٺ تي سندس نالو لک.


”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري منجھس رهڻ لڳو ۽ چئو تہ ’پنهنجي آس‌پاس وارين سڀني قومن وانگر اسين بہ پنهنجي مٿان ڪو بادشاهہ مقرر ڪريون،‘


يشوع بني اسرائيل جي سڀني قبيلن کي سڪم ۾ آڻي گڏ ڪيو. هن بني اسرائيل جي سردارن، اڳواڻن، ججن ۽ عملدارن کي گھرايو ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا.


پر جِدعون کين چيو تہ ”نڪي آءٌ اوهان تي حڪومت ڪندس ۽ نہ وري منهنجو پٽ، بلڪ خداوند ئي اوهان تي حڪومت ڪندو.“


پوءِ سموئيل بني اسرائيل جي سڀني قبيلن کي اڳتي آڻي ڪڻو وڌو جيڪو بنيامين جي قبيلي جو نڪتو.


پوءِ جڏهن اوهان ڏٺو تہ بني عمون جو بادشاهہ ناحس اوهان تي چڙهائي ڪري آيو، تڏهن اوهان مون کي چيو تہ ’اسان تي بہ هڪڙو بادشاهہ بادشاهي ڪري،‘ جيتوڻيڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان جو بادشاهہ هو.


اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل کي فتح بخشي. جنگ بيت‌آون جي هن پار تائين وڃي پهتي


تڏهن سائول چيو تہ ”اي فوج جا سالارؤ! اوهين سڀيئي هتي ويجھا ٿيو ۽ جاچ ڪري ڏسو تہ اڄوڪي ڏينهن ڪهڙو گناهہ ٿيو آهي.


خداوند سيلا شهر ۾ ڳالهائڻ جي وسيلي پنهنجو پاڻ کي سموئيل تي ظاهر ڪندو رهيو. سموئيل جون اهي ڳالهيون بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن تائين وڃي پهتيون.


انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃي عبن‌عزر هنڌ وٽ تنبو کوڙيا ۽ فلستين پنهنجا تنبو افيق علائقي ۾ وڃي هنيا.


مگر ماڻهن سموئيل جي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳا تہ ”هرگز نہ، بلڪ اسان کي ضرور پنهنجي مٿان بادشاهہ گھرجي.


کيس چيائون تہ ”عرض آهي تہ جيئن تہ تون پوڙهو ٿي ويو آهين ۽ تنهنجا پٽ تنهنجيءَ راهہ تي پڻ ڪونہ ٿا هلن، تنهنڪري ٻين قومن وانگر تون هاڻي اسان تي ڪو بادشاهہ مقرر ڪر تہ هو اسان جي اڳواڻي ڪري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ