Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 1:28 - Muslim Sindhi Bible

28 تنهنڪري آءٌ هن کي خداوند جي لاءِ وقف ٿي ڪريان. هن کي سندس سڄي حياتيءَ لاءِ خداوند کي ٿي ڏيان.“ پوءِ هوءَ سموئيل کي اتي خداوند جي حضور ۾ ڇڏي هلي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 تنهنڪري مون بہ هن کي خداوند کي ڏيئي ڇڏيو آهي؛ جيسين ڪ هو جيئرو هوندو تيسين هو خداوند کي ڏنو ويو آهي، ۽ هن اُتي خداوند کي سجدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 1:28
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ جھڪي خداوند کي سجدو ڪيو.


پوءِ مون جھڪي خداوند کي سجدو ڪيو ۽ خداوند، پنهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا جي تعريف ڪيم جيڪو مون کي سڌي رستي سان وٺي آيو، جو مون پنهنجي مالڪ جي پٽ جي لاءِ سندس ڀائٽي هٿ ڪئي.


جڏهن ابراهيم جي نوڪر هنن جا اهي لفظ ٻڌا تہ زمين تي جھڪي خداوند کي سجدو ڪيائين.


اي منهنجا پٽ لموئيل! تون منهنجو سڪيلڌو پٽ آهين، ۽ باسون باسڻ کان پوءِ ڄائو آهين. هاڻي جيڪي ڪجھہ آءٌ تو کي چوان ٿي سو ڌيان ڏيئي ٻڌ.


وقف هجڻ وارا سڀ ڏينهن هو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي.


۽ ننڍپڻ کان وٺي خدا جي انهن پاڪ لکتن کان بہ واقف آهين، جيڪي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ تو کي دانائي بخشي سگھن ٿيون.


جِدعون جڏهن اهو خواب ۽ انهيءَ جو تعبير ٻڌو تڏهن سجدي ۾ ڪري پيو. پوءِ هو موٽي بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ ۾ آيو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اُٿو، خداوند مديانين جو خيمي‌گاهہ اوهان جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“


هن باس باسيندي چيو تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! پنهنجي ٻانهيءَ جي دکي حال تي نظر ڪر، پنهنجي ٻانهيءَ کي ياد ڪر، وساري نہ ڇڏ. جيڪڏهن تون پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ عطا ڪندين تہ آءٌ انهيءَ کي سڄي حياتيءَ لاءِ تو خداوند جي وقف ڪنديس ۽ انهيءَ جي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمندي.“


تڏهن حنہ اوڏانهن نہ ويئي. هن پنهنجي مڙس کي چيو تہ ”جيستائين ٻار جو ٿڃ نہ ڇڏائينديس تيستائين اوڏانهن ڪين وينديس. پوءِ آءٌ ٻار کي وٺي اوڏانهن وينديس تہ جيئن هو خداوند جي آڏو حاضر ٿئي ۽ هميشہ اتي ئي رهي.“


پوءِ القانہ موٽي رامہ شهر ڏانهن پنهنجي گھر ويو، پر اهو ٻار عيلي ڪاهن جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو رهيو.


پوءِ عيلي القانہ ۽ سندس زال کي دعا ڪندي چوندو هو تہ ”شل خداوند تو کي هن عورت مان انهيءَ ٻار جي عيوض ٻيا ٻار عطا ڪري، جيڪو تو خداوند کي وقف ڪري ڏنو آهي.“ انهيءَ کان پوءِ هو ٻئي موٽي گھر هليا ويندا هئا.


دائود ورندي ڏيئي چيس تہ ”ضرور، هاڻي اوهان کي معلوم ٿيندو تہ اوهان جو ٻانهو اوهان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھي.“ تنهن تي اڪيس دائود کي چيو تہ ”پوءِ تہ آءٌ تو کي هميشہ جي لاءِ پنهنجي جان جو محافظ مقرر ڪندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ