Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 حنہ جڏهن خداوند جي حضور ۾ دعا گھرندي پئي رهي، تڏهن عيليءَ سندس چپن ڏانهن غور سان ويٺي ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ جڏهن هن خداوند جي حضور دعا پئي گهري، تڏهن عيلي هن جي وات ڏي نهاري ويٺي ڏٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 1:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”هر وقت دعا گھرندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ


پاڪ روح جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ دعا ۽ منٿ سان خدا کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي دعا گھرندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.


دعا ۾ سجاڳ رهو ۽ شڪرگذاري ڪندي انهيءَ ۾ مشغول رهو.


تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي دعا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


هن باس باسيندي چيو تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! پنهنجي ٻانهيءَ جي دکي حال تي نظر ڪر، پنهنجي ٻانهيءَ کي ياد ڪر، وساري نہ ڇڏ. جيڪڏهن تون پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ عطا ڪندين تہ آءٌ انهيءَ کي سڄي حياتيءَ لاءِ تو خداوند جي وقف ڪنديس ۽ انهيءَ جي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمندي.“


جيئن تہ حنہ پنهنجيءَ دل ۾ دعا ٿي گھري ۽ هن جا رڳو چپ پئي چريا، پر آواز ٻڌڻ ۾ ڪين ٿي آيو، سو عيليءَ سمجھيو تہ هوءَ نشي ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ