1.پطرس 1:10 - Muslim Sindhi Bible10 نبين انهيءَ ئي ڇوٽڪاري جي باري ۾ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ اڳڪٿي ڪري انهيءَ فضل بابت ٻڌايائون، جيڪو خدا هاڻي اوهان تي ڪري رهيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 انهن نبين، جن انهيءَ فضل جي نبوت ڪئي جو اوهان تي ٿيڻ وارو هو، انهيءَ نجات جي تلاش ۽ تحقيقات ڪئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible10 ايشور جي سنديش ڏيندڙ سنتن انهيءَ ئي مڪتيءَ جي باري ۾ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ اڳڪٿي ڪري انهيءَ ڪرپا بابت ٻڌايائون، جيڪا ايشور هاڻي اوهان تي ڪري رهيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament10 انھيءَ ڇوٽڪاري جي باري ۾ نبين بہ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ پيشنگوئي ڪري انھيءَ فضل جو ذڪر ڪيائون، جيڪو اوھان تي ٿيڻ وارو ھو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“