1.بادشاهَہ 9:4 - Muslim Sindhi Bible4 باقي رهين تون، سو جيڪڏهن تون پنهنجي پيءُ دائود وانگر پنهنجي دل جي خلوص ۽ سچائيءَ سان منهنجي فرمانبرداري ڪندين ۽ منهنجي حڪمن تي هلندي منهنجي قاعدن قانونن جي تعميل ڪندين، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 باقي تون، سو جيڪڏهن تون پنهنجي سڄي ۽ سچيءَ دل سان منهنجي اڳيان هلندين، جيئن تنهنجو پيءُ دائود ٿي هليو، ۽ جيڪي حڪم مون توکي ڏنا آهن انهن سڀني موجب تون هر طرح ڪندين، ۽ منهنجن قانونن ۽ منهنجن فيصلن جي سنڀالي تعميل ڪندين؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان تنهن تي جيڪڏهن تون عمل ڪندين ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪندين، منهنجي قاعدن قانونن ۽ منهنجي حڪمن تي قائم رهندين، جيئن منهنجو ٻانهو دائود قائم رهيو هو، تہ پوءِ آءٌ تو سان گڏ هوندس. آءٌ بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن مٿان تنهنجي بادشاهت قائم رکندس ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد حڪمراني ڪندي، جيئن دائود لاءِ ڪيو هئم.
هاڻي اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو ٻيو واعدو ڪيو هو سو بہ پورو ڪر، جو چيو هوءِ تہ ’تنهنجي واسطي منهنجي حضور ۾ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ هرگز تنهنجي اولاد مان ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي بشرطيڪ هو سڌيءَ راهہ تي هلندي منهنجي اهڙي ئي فرمانبرداري ڪري جهڙي تون ڪندو رهيو آهين.‘