Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 9:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن بادشاهہ سليمان هيڪل ۽ شاهي محل جوڙائي پورو ڪيو ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ ڪرڻ ٿي گھريو سو بہ سڀ پورو ٿيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سليمان خدا جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر جوڙائي پورو ڪيو ۽ جيڪي سليمان ڪرڻ ٿي گهريو سو سندس مراد موجب پورو ٿيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 9:1
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سليمان مصر جي بادشاهہ جي ڌيءَ سان شادي ڪري ساڻس مائٽي ڳنڍي. جيستائين سليمان پنهنجو محل ۽ هيڪل نہ جوڙائي ۽ يروشلم جي چوڌاري ڀت نہ تعمير ڪرائي، تيستائين انهيءَ زال کي پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ آڻي رهايائين.


سليمان جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال، زيوِ مهيني ۾ جيڪو سال جو ٻيو مهينو هو، هيڪل جو بنياد وڌو ويو.


سليمان پنهنجي لاءِ محل تعمير ڪرايو جنهن جي اڏاوت ۾ تيرهن سال لڳي ويا.


هن لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان محل جو هال ٺهرايو جنهن جي ڊيگھہ ڇائيتاليهہ ميٽر، ويڪر ٽيويهہ ميٽر ۽ اوچائي ساڍا تيرهن ميٽر هئي. محل جو هال ديال ڪاٺ جي ٿنڀن جي چئن قطارن تي بيٺل هو ۽ ٿنڀن جي مٿان ديال جا پنجيتاليهہ شهتير رکيل هئا، هر هڪ قطار جي لوُئيِ ۾ پندرهن پندرهن شهتير هئا. هال جي ڇت ديال جي ڪاٺ مان ٺهيل هئي.


اهڙيءَ طرح خداوند جي هيڪل لاءِ جنهن ڪم جو سليمان بادشاهہ حڪم ڏنو هو سو پورو ٿيو. پوءِ سليمان اُهي شيون کڻائي آيو جيڪي سندس پيءُ دائود خداوند لاءِ مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، سون ۽ ٻيو سمورو سامان. اُهي هن خداوند جي هيڪل جي گدامن ۾ آڻي رکايا.


آخري ڏينهن تي بادشاهہ سليمان ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن روانو ڪيو. سو اهي کيس دعائون ڪندا هليا ويا ۽ جيڪي ڀلايون خداوند پنهنجي ٻانهي دائود ۽ پنهنجيءَ قوم بني اسرائيل سان ڪيون تن جي ڪري هو دل ۾ بيحد خوش ۽ سرها هئا.


هيڪل ۽ شاهي محل جوڙائڻ ۾ سليمان کي ويهہ سال لڳي ويا.


جيئن تہ صور جي بادشاهہ حيرام سليمان کي ديال ۽ صنوبر جو ڪاٺ ۽ سون سندس ضرورت مطابق ڏنو هو، تنهنڪري سليمان بادشاهہ کيس گليل جي علائقي ۾ ويهہ شهر ڏنا.


گدامن جا سڀ شهر، پنهنجين جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙي سوارن وارا شهر ۽ ٻيو سڀ جيڪي هن يروشلم ۾، لبنان ۾ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي سڄي ملڪ ۾ تعمير ڪرڻ گھريو سو بہ جوڙايائين.


جڏهن بادشاهہ سليمان اها دعا گھري بس ڪئي، تڏهن آسمان مان باهہ نازل ٿي ۽ قربان‌گاهہ تي پيش ڪيل ساڙڻ واري قرباني ۽ ٻين قربانين کي ساڙي رک ڪري ڇڏيائين ۽ هيڪل خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويئي.


جڏهن سليمان هيڪل ۽ پنهنجو شاهي محل ٺهرائي پورو ڪيو ۽ جيڪي ڪجھہ هيڪل ۽ پنهنجي محل بابت سوچيو هئائين سو ڪرڻ ۾ هو ڪامياب ٿيو،


هيڪل ۽ پنهنجي محل تعمير ڪرائڻ ۾ سليمان کي ويهہ سال لڳي ويا.


هن بعلات شهر، گدامن وارا شهر ۽ اهي شهر بہ وري تعمير ڪرايا جن ۾ سندس گھوڙي گاڏيون ۽ سندس گھوڙي سوار رهندا هئا. هن يروشلم ۾، لبنان ۾ ۽ پنهنجي سڄي بادشاهت ۾ ٻيو جيڪي بہ چاهيو سو تعمير ڪرايو.


تڏهن مون ڪجھہ وڏا وڏا ڪم ڪيا. مون پنهنجي لاءِ گھر جوڙايا ۽ انگورن جا باغ لڳرايا.


هڪ چوڻي آهي تہ ”جيڪو هٿ ۾ موجود آهي، سو ڪنهن وڌيڪ شيءِ جي تمنا ڪرڻ کان بهتر آهي.“ پيٽ کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان اطمينان نہ ٿو ملي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ