Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 8:9 - Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ صندوق ۾ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ هو، سواءِ پٿر جي انهن ٻن تختين جي جيڪي موسيٰ سينا جبل وٽ منجھس رکيون هيون، جڏهن خداوند بني اسرائيل سان، سندن مصر جي ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ عهد ٻڌو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 صندوق ۾ ٻيو ڪي ڪين هو، سواءِ اُنهن ٻن پٿر جي تختين جي، جي موسيٰ حورب ۾ اُتي رکيون هيون جڏهن خداوند بني اسرائيل سان، سندن مصر جي ملڪ مان نڪرڻ مهل عهد اقرار ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 8:9
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون انهيءَ ۾ عهد واري صندوق مقرر ڪيل جاءِ تي رکرائي آهي جنهن ۾ انهيءَ عهد واريون ٻئي تختيون آهن. اهو عهد خداوند اسان جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو جڏهن انهن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هئائين.“


انهيءَ صندوق ۾ انهن ٻن تختين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪين هو جيڪي موسيٰ ان وقت منجھس رکيون هيون، جڏهن بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ وقت سينا جبل وٽ خداوند ساڻن عهد ٻڌو هو.


اهي ٻانهيون ايتريون تہ ڊگھيون هيون جو انهن جا ڇيڙا مقدس ترين جاءِ جي اڳيان مقدس جاءِ وٽان ڏسڻ ۾ ٿي آيا، پر مقدس جاءِ جي ٻاهران اهي ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيا. اڄ ڏينهن تائين اهي اتي ئي آهن.


ڏينهن جي وقت خداوند انهن جي اڳيان ڪڪر واري ٿنڀي جي وسيلي کين رستو ڏيکاريندو هلندو هو ۽ رات جي وقت باهہ واري ٿنڀي جي وسيلي کين روشني ڏيندو اڳيان هلندو رهندو هو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ڏينهن رات پنڌ ڪري سگھن.


صبح جو پرهہ ڦٽڻ کان اڳ خداوند باهہ ۽ ڪڪر جي ٿنڀي منجھان مصرين جي لشڪر ڏانهن نهاريو ۽ انهن جي لشڪر کي مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيائين.


جڏهن هارون بني اسرائيل قوم کي ائين چئي رهيو هو، تڏهن انهن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو ڪڪر ۾ کين خداوند جو جلوو ڏسڻ ۾ آيو.


پوءِ موسيٰ هارون کي بہ چيو تہ ”هڪڙو ٿانءُ کڻي، انهيءَ ۾ مَنَ جا ٻہ ڪلوگرام ڀري وجھہ ۽ اهو خداوند جي حضور ۾ آڻي رک تہ اهو اوهان جي پيڙهين لاءِ محفوظ رکيو هجي.“


عهد واريون ٻئي تختيون جيڪي آءٌ تو کي ڏيندس سي تون انهيءَ صندوق ۾ رکج.


تون عهد واريون ٻئي تختيون، جيڪي آءٌ تو کي ڏيندس سي انهيءَ صندوق ۾ رکج ۽ رحمت جو اهو پوش صندوق جي مٿان رکج.


پوءِ موسيٰ خداوند جي حڪم مطابق عهد واريون تختيون کڻي صندوق ۾ وڌيون. هن ٻانهيون صندوق جي ڪڙن ۾ وڌيون ۽ صندوق جي مٿان رحمت جو پوش رکيائين.


ان وقت خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني پردار آسماني مخلوق تان مٿي کڄي ويئي ۽ هيڪل جي دروازي وٽ اچي بيٺي. تڏهن سڄي هيڪل ڪڪر سان ڀرجي ويئي ۽ ان جو پهريون اڱڻ خداوند جي جلوي جي روشنيءَ سان منور ٿي ويو.


”تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي، تہ متان مري نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحمت جي پوش مٿان ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندو آهيان.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون جي لٺ عهد واري صندوق جي سامهون موٽائي رک. اها باغين لاءِ هڪ نشانيءَ طور رکي هجي. اهڙيءَ طرح هو منهنجيون شڪايتون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا ۽ مرڻ کان بچي ويندا.“


جنهن ڏينهن مقدس خيمو، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، کڙو ڪيو ويو تنهن ڏينهن ڪڪر انهيءَ کي ڍڪي ڇڏيو. جڏهن تہ سانجھيءَ کان صبح تائين اهو مقدس خيمي جي مٿان باهہ جي صورت ۾ رهيو.


”شريعت جو هي ڪتاب کڻي، خداوند پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق جي ڀرسان رکي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اهو بني اسرائيل جي خلاف شاهد هجي،


هن پنهنجو عهد، جيڪو سندس ڏهن حڪمن جي پوري ڪرڻ تي ٻڌل هو، سو اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهن حڪمن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد پڻ ڪيو. هن اهي حڪم پٿر جي ٻن تختين تي بہ لکيا.


انهيءَ ۾ لوبان ٻارڻ لاءِ سونو پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ ۽ عهد واري صندوق رکيل هئي، جيڪا چئني پاسن کان سون سان مڙهيل هئي. انهيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل هڪ سونو ٿانءُ، هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جھليون هيون ۽ عهدنامي واريون پٿر جون ٻہ تختيون هيون.


هيڪل خدا جي جلال ۽ سندس قدرت جي دونهين سان ڀرجي ويئي ۽ جيستائين انهن ستن ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيستائين ڪوبہ هيڪل ۾ گھڙي نہ سگھيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ