1.بادشاهَہ 8:61 - Muslim Sindhi Bible61 سو اوهين خداوند پنهنجي خدا سان مڪمل وفادار رهو، هن جي قانونن تي هلو ۽ سندس حڪمن تي عمل ڪريو، جيئن اڄڪلهہ اوهين ڪريو ٿا.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible61 تنهنڪري اوهان جي دل خداوند اسان جي خدا سان سالم رهي، تہ هن جي قاعدن تي هلو، ۽ هن جا حڪم بجا آڻيو، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صافدليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.