Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 8:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ ڪاهنن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي الهام‌گاهہ يعني مقدس ترين جاءِ ۾ سندس مقرر جاءِ يعني پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جي بلڪل پرن هيٺ آڻي رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کڻي پنهنجي مقرر جاءِ تي آندي، يعني گهر جي الهامگاهہ ۾، پاڪ ترين جاءِ تي، اصل ڪروبين جي پرن هيٺ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 8:6
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند جي عهد واري صندوق کي اندر آڻي انهيءَ خيمي جي وچ ۾ سندس جاءِ تي رکيو ويو، جيڪو دائود انهيءَ جي لاءِ ئي کوڙيو هو. دائود خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.


هو انهن سڀني کي ساڻ ڪري يهوداہ جي بعلہ شهر ڏانهن روانو ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ اتان خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچي، جيڪا قادرِمطلق خداوند جي نالي سان سڏبي آهي، جيڪو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن جي وچ ۾ صندوق تي تخت‌نشين آهي.


هيڪل جي پٺئين پاسي نوَن ميٽرن جي فاصلي تي هڪ ڀت ٺهرائي ويئي تہ جيئن الهام‌گاهہ يعني مقدس ترين جاءِ ڌار ٿي پوي. انهيءَ جي ڀت تي بہ فرش کان وٺي ڇت تائين ديال جا تختا کوڙايا ويا.


هيڪل جي پٺين پاسي مقدس ترين جاءِ ۾ خداوند جي عهد واري صندوق رکڻي هئي.


مقدس ترين جاءِ ۾ رکيل پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جا پَر پکڙيل هئا. انهن جي پکڙيل پَرن جون ٻاهريون چوٽيون پاسي وارين ڀتين سان ٿي لڳيون ۽ اندريون پَرن جون چوٽيون ڪمري جي وچ ۾ هڪٻئي سان ٿي لڳيون.


جڏهن بني اسرائيل جا اهي سڀيئي اڳواڻ اچي گڏ ٿيا تڏهن ڪاهنن اچي عهد واري صندوق کي کنيو.


هنن خداوند جي عهد واري صندوق، خدا سان ملاقات وارو خيمو ۽ ان جو سمورو مخصوص ڪيل سامان هيڪل ۾ آندو. اهي سڀ شيون ڪاهنن ۽ لاوين کڻي آنديون.


پردار آسماني مخلوق جا ٻئي مجسما صندوق جي جاءِ جي مٿان پنهنجا پر پکيڙيو بيٺا هئا ۽ صندوق ۽ ان کي کڻي هلڻ وارين ٻانهين کي ڍڪيو بيٺا هئا.


هاڻ اوهين پنهنجي دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو. هاڻ اُٿو ۽ خداوند خدا جي لاءِ هڪ عبادت‌گاهہ ٺاهيو، تہ جيئن اوهان خداوند جي عهد واري صندوق ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ آڻي انهيءَ گھر ۾ رکي سگھو، جيڪو خداوند جي نالي تي تعمير ڪيو ويندو.“


پوءِ ڪاهنن خداوند جي عهد واري صندوق هيڪل جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ پردار آسماني مخلوق جي مجسمن هيٺان مقرر ڪيل جاءِ تي آڻي رکي.


اي بني اسرائيل جا ڌنار! تون جيڪو ڌڻ وانگر اسان جي رهبري ڪرين ٿو، ۽ پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهين، اسان جو فرياد ڪن ڏيئي ٻڌ. اسان کي پنهنجو جلال ڏيکار.


هائو، اچ، اسان کي اچي بچاءِ، ۽ اسان افرائيم، بنيامين ۽ منسي قبيلي وارن کي پنهنجي قدرت ڏيکار.


خداوند بادشاهہ آهي. هو پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهي، سو سڀيئي قومون ڏڪن ٿيون، هائو، ڌرتيءَ کي ڪنبڻي آهي.


انهن مجسمن جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هئا. سندن منهن هڪٻئي جي سامهون رحمت جي پوش ڏانهن هئا.


”اي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تون جو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن مٿان تخت تي ويٺو آهين، فقط تون ئي ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين. تون ئي زمين ۽ آسمان جو خلقيندڙ آهين.


پردار آسماني مخلوق جي پرن جو آواز ايڏو تہ وڏو هو جو ڄڻ قادرِمطلق خدا جي ڳالهائڻ جو آواز هجي. اهو آواز ٻاهرين اڱڻ تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.


هن انهيءَ ڪمري جي بہ ماپ ورتي، تہ اهو ڏهن ميٽرن وارو چورس ڪمرو هو. پوءِ هن مون کي چيو تہ ”هيءَ مقدس ترين جاءِ آهي.“


سو انهن سيلا شهر ڏانهن ماڻهو موڪليا جيڪي اُتان اها عهد واري صندوق، جنهن تي پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جي وچ ۾ قادرِمطلق خداوند تخت‌نشين هو، سا کڻي آيا. عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس خدا جي عهد واري صندوق سان گڏ هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ