Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 8:57 - Muslim Sindhi Bible

57 شل خداوند اسان جو خدا اسان ساڻ بہ ائين ئي هجي جيئن اسان جي ابن ڏاڏن سان هو. شال هو اسان کي نہ ڇڏي ۽ نہ ڦٽو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

57 شل خداوند اسان جو خدا اسان ساڻ بہ ائين هجي، جيئن اسان جي ابن ڏاڏن سان هو: شل هو اسان کي نہ ڇڏي، ۽ نہ ترڪ ڪري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 8:57
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


ڀلي اوهين گڏجي خوب صلاح مصلحت ڪريو، پر اها ڪنهن ڪم جي نہ ٿيندي. اوهين جيڪو بہ منصوبو جوڙيندا، سو ناڪام ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان سان گڏ آهي.


”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا اسان سان.“


۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟


تڏهن ان ڏينهن مون کي مٿن ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ۽ آءٌ کين ڇڏي ڏيندس. آءٌ پنهنجو منهن انهن کان ڦيري ڇڏيندس. منجھن تباهي اچي پوندي ۽ گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون مٿن اينديون. تڏهن ان ڏينهن اهي چوندا تہ ’ڇا هي آفتون اسان تي انهيءَ ڪري نہ آيون آهن جو اسان جو خدا اسان منجھہ ڪونهي؟‘


سو اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو. ڊڄو نہ، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان ساڻ ٿو هلي. هو اوهان کي نااميد نہ ڪندو، نڪي اوهان کي ڇڏي ڏيندو.“


خداوند پاڻ اوهان جي رهنمائي پيو ڪري. هو اوهان ساڻ ئي رهندو. هو اوهان کي نااميد نہ ڪندو، نڪي اوهان کي ڇڏي ڏيندو. سو اوهين نہ ڊڄو، نڪي بي‌همت ٿيو.“


پئسي سان پيار نہ رکو. جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ فرمايو آهي تہ ”آءٌ هميشہ تو ساڻ آهيان. آءٌ تو کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندس.“


تنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگھندو. جيئن آءٌ موسيٰ سان هئس، تيئن تو سان بہ هوندس. آءٌ تو کي نڪي نا‌اميد ڪندس، نڪي ڇڏي ڏيندس.


ڏس، مون تو کي حڪم ڪيو آهي تہ مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ. نڪي ڊڄ نڪي بي‌همت ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ جيڏانهن بہ تون ويندين تيڏانهن آءٌ خداوند تنهنجو خدا تو سان گڏ هوندس.“


تنهن تي هن کين چيو تہ ”چڱو هاڻي اهي ڌاريا معبود جيڪي اوهان وٽ آهن سي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي دل خداوند، بني اسرائيل جي خدا سان لڳايو.“


خداوند پنهنجي عظيم نالي جي سببان، پنهنجيءَ قوم کي ڇڏي ڪين ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي مرضيءَ موجب اوهان کي پنهنجي قوم بڻايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ