Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 8:52 - Muslim Sindhi Bible

52 اي خداوند! هاڻي منهنجي ۽ پنهنجي هن بني اسرائيل قوم جي اها دعا قبول ڪر تہ جيئن آئيندہ جڏهن بہ هو تو کي پڪارين تڏهن تون انهن جي ٻڌين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

52 ۽ تنهنجيون اکيون تنهنجي ٻانهي جي سوال ڏانهن، ۽ تنهنجي قوم اسرائيل جي سوال ڏانهن کليل رهن، تہ جڏهن بہ هو توکي دانهن ڪن تڏهن تون اُها ٻڌين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 8:52
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هي گھر جنهن جي نسبت ۾ تو فرمايو آهي تہ ’انهيءَ تي مون خداوند جو نالو رهندو،‘ تنهن تي ڏينهن رات تنهنجي نگاهہ رهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪا دعا تنهنجو ٻانهو انهيءَ جاءِ ڏانهن منهن ڪري گھري سا تون ٻڌندين.


اي خداوند خدا! تو ئي هنن کي ڌرتيءَ جي سڀني قومن مان چونڊي ڌار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي تنهنجي ميراث ٿين، جيئن تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت فرمايو هو جڏهن تو اسان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو هو.“


هاڻي اي منهنجا خدا! شل تون اسان جي هر اها دعا رحم ڪندي قبول ڪرين، جيڪا هن گھر ۾ گھري وڃي.


خداوند انهن سڀني کي ويجھو آهي، جيڪي کانئس دعا گھرن ٿا، بشرطيڪ اهي کيس سچيءَ دل سان پڪارين.


هن ڪري جو اي منهنجا ڌڻي! تون ئي معاف ڪندڙ ۽ ڀلو آهين. جيڪي تو کي پڪارين ٿا تن تي تون دائمي شفقت ڪندڙ آهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ