Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 8:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جڏهن بني اسرائيل جا اهي سڀيئي اڳواڻ اچي گڏ ٿيا تڏهن ڪاهنن اچي عهد واري صندوق کي کنيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ اسرائيل جا سڀ بزرگ آيا، ۽ ڪاهنن اچي صندوق کنئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 8:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن دائود بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ عوبيد‌ادوم جي گھراڻي ۽ ساڻس واسطو رکندڙ سڀني شين کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق جي ڪري برڪت عطا ڪئي آهي، تڏهن هو ويو ۽ عوبيد‌ادوم جي گھر مان خدا جي عهد واري صندوق خوشيون ملهائيندي پنهنجي شهر يروشلم ۾ کڻي آيو.


پوءِ ڪاهنن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي الهام‌گاهہ يعني مقدس ترين جاءِ ۾ سندس مقرر جاءِ يعني پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جي بلڪل پرن هيٺ آڻي رکي.


پوءِ دائود چيو تہ ”لاوين کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا جي عهد واري صندوق نہ کڻي اچي، ڇاڪاڻ تہ اهي لاوي ئي آهن جن کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق کڻڻ ۽ هميشہ تائين انهيءَ جي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو.“


جڏهن هارون ۽ سندس پٽ مقدس خيمي جي سڄي سامان کي ڍڪي بس ڪن ۽ منزل کڻي هلڻ جو وقت اچي، تڏهن بني قهات اهو سامان کڻڻ لاءِ اچن. پر هو انهن پاڪ شين کي نہ ڇهن، تہ جيئن مري نہ پون. مون خدا سان ملاقات واري خيمي جون اهي شيون کڻي هلڻ جي ذميواري بني قهات جي ئي آهي.


پر موسيٰ بني قهات کي ڪابہ گاڏي يا ڪوبہ ڏاند ڪونہ ڏنو، ڇو تہ جيڪي مخصوص شيون سندن ذميواريءَ ۾ هيون سي کين ڪلهن تي کڻڻيون هيون.


موسيٰ هيءَ شريعت لکي، بني لاوي ڪاهنن کي جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کڻندا هئا ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي ڏني.


۽ ماڻهن کي حڪم ڏنائون تہ ”جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندي ڏسو تڏهن اوهين منزل کڻي انهيءَ جي پٺيان هلجو.


يشوع ڪاهنن کي چيو تہ ”عهد واري صندوق کڻو ۽ ماڻهن جي اڳيان اڳيان هلو.“ سو هنن اها صندوق کنئي ۽ ماڻهن جي اڳيان هلڻ لڳا.


يشوع پڻ ٻيا ٻارهن پٿر اردن درياءَ جي وچ ۾ انهيءَ هنڌ کوڙي ڇڏيا جتي عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارا ڪاهن بيٺا هئا. اهي پٿر اڄ ڏينهن تائين اتي ئي موجود آهن.


سو يشوع ڪاهنن کي سڏايو ۽ کين چيائين تہ ”عهد واري صندوق کڻو ۽ اوهان مان ست ڪاهن هڪ هڪ نفيل کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان هلن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ