Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 8:23 - Muslim Sindhi Bible

23 دعا گھريائين تہ ”اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! مٿي آسمان ۾ ۽ هيٺ زمين تي تو جهڙو ٻيو ڪو معبود ڪونهي. تون پنهنجي انهن ٻانهن سان پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن دائمي شفقت رکين ٿو، جيڪي پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجي فرمانبرداري ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ چيائين تہ اي خداوند، اي اسرائيل جا خدا، مٿي آسمان ۾ ۽ هيٺ زمين تي تو جهڙو ٻيو ڪو خدا ڪونهي، تون پنهنجن انهن ٻانهن سان عهد اقرار ۽ رحم قائم رکين ٿو، جي پنهنجي ساريءَ دل سان تنهنجي اڳيان هلن ٿا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 8:23
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند خدا! تون عظيم آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌيون آهن، تن سڀني موجب تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي، نڪي تو کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي.


تنهنڪري ياد رکو، تہ خداوند اوهان جو خدا اهو ئي خدا آهي. هو واعدو وفا ڪندڙ خدا آهي. سو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزارين پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو رکي.


سو مون پنهنجي قوم جا ڏوهہ قبول ڪندي خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪيو تہ ”اي رب، عظيم ۽ هيبتناڪ خدا! تون پنهنجي فرمانبردارن ۽ محبت رکڻ وارن سان پنهنجي عهد ۽ لافاني شفقت کي قائم رکين ٿو.


”اي خداوند خدا! عظيم ۽ هيبت وارا خدا! تون انهن سان پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو ڪرين، جيڪي تو سان محبت ٿا ڪن ۽ تنهنجي فرمانبرداري ڪن ٿا.


تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! اي عظمت، قدرت ۽ هيبت وارا خدا! تون جيڪو پنهنجو عهد قائم رکندي لافاني شفقت ڪندڙ آهين، سو اسان جي هن مصيبت کي معمولي نہ ڄاڻ، جيڪا اسان تي، اسان جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، نبين ۽ ابن ڏاڏن توڙي تنهنجي سڄي قوم تي، اشور جي بادشاهہ جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ايندي رهي آهي.


خداوند جهڙو ڪو ٻيو پاڪ ڪونهي، نڪي اسان جي خدا جهڙو ڪو ٻيو محافظ آهي، هائو، هن کان سواءِ ٻيو ڪو ئي بہ ڪونهي.


اي خداوند! معبودن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ پاڪيزگيءَ ۾ اعليٰ ۽ افضل تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ حمد وَ ثنا ۾ هيبتناڪ ۽ معجزن ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟


هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل واعدي موجب، اسان تي رحم ڪندي پنهنجو پاڪ عهد پورو ڪيو آهي.


يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


بيشڪ اي خداوند! تنهنجو ثاني ڪوبہ ڪونهي، تون عظيم آهين، ۽ تنهنجو نالو وڏيءَ قدرت وارو آهي.


سو پاڪ خدا فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اوهين ڪنهن سان منهنجي ڀيٽ ڪندا؟ ڇا ڪو منهنجي برابر ٿي سگھي ٿو؟“


خداوند اسان جي خدا جهڙو ڪو ٻيو آهي ڇا، جيڪو عرش عظيم تي تخت‌نشين آهي؟


سو اوهين خدا کي ڪنهن سان ڀيٽي سگھو ٿا؟ ڪهڙيءَ شيءِ سان اوهين سندس مشابهت ڪندا؟


اي منهنجا رب! معبودن ۾ ڪوبہ تو جهڙو نہ آهي، ۽ نہ وري تنهنجي ڪمن جهڙا ڪنهن ٻئي جا ڪم آهن.


آءٌ پوري دل وَ جان سان تنهنجي واکاڻ ڪندي چوندس تہ ”اي خداوند! تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. تون ئي ڪمزورن کي زورآورن جي هٿن منجھان ڇڏائين ٿو. تون ئي غريبن ۽ محتاجن کي ڦُرمار ڪندڙن کان بچائين ٿو.“


”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.


”تون جيڪو هي هيڪل جوڙي رهيو آهين، سو جيڪڏهن تون منهنجي قاعدن قانونن تي هلندين ۽ منهنجا سڀ حڪم مڃي انهن تي عمل ڪندين تہ پوءِ جيڪو واعدو تنهنجي پيءُ دائود سان مون ڪيو هو سو آءٌ تو سان پورو ڪندس.


سليمان جواب ڏنو تہ ”تون پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود تي هميشہ ڏاڍو مهربان رهيو آهين، ڇاڪاڻ تہ هو تو سان سچار، وفادار ۽ دل جو سچو هو. تو هن سان اها وڏي مهرباني قائم رکندي سندس تخت تي ويهڻ لاءِ کيس هڪڙو پٽ ڏنو، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


انهيءَ لاءِ تہ خداوند منهنجي باري ۾ مون سان ڪيل واعدو پورو ڪري تہ ’جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي حڪمن تي هلندو تہ ڪڏهن بہ تو وٽ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ وارثن جي ڪمي نہ ٿيندي.‘


تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئج تہ ’مون کي خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ ڏس، هميشہ تائين منهنجو نالو اهو ئي آهي ۽ سڀني پيڙهين ۾ مون کي انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو.


هن اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي، جنهن جو نالو ايل ايلاسرائيل رکيائين.


جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي. هائو، تو پنهنجي زبان سان واعدو ڪيو هو ۽ پنهنجي قدرت سان اُهو پورو ڪيو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


خدا شال اوهان سڀني سان گڏ هجي جيڪي سندس قوم آهيو. اوهان سڀني کي يروشلم ڏانهن وڃڻ جي اجازت آهي ۽ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي گھر جي نئين سِر تعمير ڪرڻي آهي. هائو، اُهو ئي خداوند آهي، جنهن جي يروشلم ۾ عبادت ڪئي ويندي آهي.


”تنهنڪري جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن کي مڃي مٿن عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان جو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ لافاني شفقت اوهان سان قائم رکندو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ