Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 8:16 - Muslim Sindhi Bible

16 ’جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، انهيءَ ڏينهن کان وٺي منهنجو اهڙو ڪوبہ ارادو ڪونہ هو تہ بني اسرائيل جي قبيلن جي ڪنهن شهر ۾ منهنجي نالي تي ڪو گھر جوڙيو وڃي. پر مون تہ رڳو تو دائود کي چونڊيو تہ تون منهنجي قوم بني اسرائيل تي راڄ ڪرين.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، اُنهيءَ ڏينهن کان وٺي اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون ڪوبہ اهڙو شهر چونڊي نہ ڪڍيو جنهن ۾ ڪو گهر جوڙيان تہ منهنجو نالو اُتي رهي؛ پر مون دائود کي چونڊي ڪڍيو تہ منهنجي قوم اسرائيل تي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 8:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن جي پٽ کي آءٌ هڪڙو قبيلو ڏيندس، تہ جيئن يروشلم جو شهر جيڪو مون پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊيو آهي تنهن ۾ منهنجي ٻانهي دائود جو ڏيئو منهنجي اڳيان هميشہ روشن رهي.


هي گھر جنهن جي نسبت ۾ تو فرمايو آهي تہ ’انهيءَ تي مون خداوند جو نالو رهندو،‘ تنهن تي ڏينهن رات تنهنجي نگاهہ رهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪا دعا تنهنجو ٻانهو انهيءَ جاءِ ڏانهن منهن ڪري گھري سا تون ٻڌندين.


سو خداوند چيو تہ ”جيئن مون اسرائيل وارن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي ڇڏيو، تيئن يهوداہ وارن کي بہ ڪڍي ڇڏيندس. هي شهر يروشلم جنهن کي مون چونڊيو هو ۽ هيءَ هيڪل جنهن بابت مون چيو هو تہ انهيءَ تي منهنجو نالو رکيو ويندو، تن ٻنهي کي آءٌ ڌڪاري ڇڏيندس.“


پر انهيءَ ئي رات خداوند ناتن سان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ


تنهن هوندي بہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا، منهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي مان مون کي چونڊيو تہ جيئن آءٌ هميشہ تائين بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪريان. پهريائين هن يهوداہ قبيلي کي اڳواڻ طور چونڊيو، پوءِ يهوداہ جي گھراڻن مان منهنجي پيءُ جي گھراڻي کي چونڊيائين ۽ ان سڄي گھراڻي مان هن بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪرڻ لاءِ مون کي چونڊيو.


پر جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ پوءِ جيڪي اوهان مان توڙي جو ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تي بہ جلاوطن ٿي ويا هوندا تہ آءٌ انهن کي اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جيڪو هنڌ مون پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي.‘


بيشڪ خداوند صيئون کي چونڊي ڪڍيو آهي. هن انهيءَ کي پنهنجي رهڻ جي خاطر پسند ڪيو آهي،


خداوند پنهنجي ٻانهي دائود کي چونڊي ڪڍيو، هائو، هن کيس رڍن جي واڙي منجھان چونڊي ڪڍيو.


تو خداوند فرمايو آهي تہ ”مون پنهنجي چونڊيل بندي سان عهد ٻڌو آهي، هائو، مون پنهنجي ٻانهي دائود سان قسم کنيو آهي تہ


هاڻ اوهين ان هنڌ ڏانهن وڃو جيڪو سيلا ۾ آهي، جتي مون پنهنجي نالي سان پهرين رهائش اختيار ڪئي هئي. اوهين وڃي ڏسو تہ اُتي پنهنجي قوم بني اسرائيل سان مون سندن بڇڙائيءَ جي ڪري ڇا ڇا ڪيو.


پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.


بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جو خدا، پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ اوهان جي سڀني قبيلن جي علائقن مان هڪڙي هنڌ چونڊي ڪڍي، اوهين سندس عبادت لاءِ اوڏانهن ئي وڃجو.


خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيت‌لحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ