Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 8:1 - Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ سليمان بادشاهہ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي سردارن ۽ گھراڻن جي وڏن کي پاڻ وٽ يروشلم ۾ سڏايو، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر يعني صيئون مان هيڪل ۾ آندي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پوءِ سليمان، اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، ۽ بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار يروشلم ۾ پاڻ وٽ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر مان، يعني صيئون مان ڪڍي آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 8:1
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن ئي اهي نڪون نالي هڪ شخص جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ تي پهتا، تہ ڏاندن ٿاٻو کاڌو ۽ عُزہ پنهنجو هٿ ڊگھو ڪري خدا جي عهد واري صندوق کي قابو ڪيو.


دائود وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سُتو. کيس سندس ئي شهر ۾ دفن ڪيو ويو.


پوءِ سليمان جاڳيو ۽ محسوس ڪيائين تہ خداوند اهو سڀ ڪجھہ ساڻس خواب ۾ ڪيو. تنهن کان پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيو ۽ اچي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ هن پنهنجي سڀني عملدارن جي دعوت ڪئي.


پوءِ دائود ان قلعي ۾ رهڻ لڳو، تنهنڪري اهو ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو.


سو دائود، بني اسرائيل جا اڳواڻ ۽ هزارن جي دستن جا فوجي سالار عوبيدادوم جي گھران خداوند جي عهد واري صندوق کڻي اچڻ لاءِ خوشيون ڪندا ويا.


جيئن ئي خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر ۾ داخل ٿي، تيئن ئي سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ جڏهن دائود بادشاهہ کي نچندو ٽپندو ڏٺائين تڏهن سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت ٿيڻ لڳي.


سو دائود بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ سڏايا، تہ جيئن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي رکن جيڪا هن انهيءَ لاءِ تيار ڪرائي هئي.


دائود بني اسرائيل جي هنن سڀني عملدارن کي يروشلم ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ سڏايو: قبيلن جا سردار، بادشاهہ جي خدمت ڪندڙ ٽولن جا سالار، لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن جا سالار، بادشاهہ ۽ سندس پٽن جي سموري ملڪيت ۽ مال جا نگران عملدار، محل جا خدمتگار، مکيہ ماڻهو ۽ سڀ آزمودگار جوڌا جوان.


هر نئين سال جي پهرئين مهيني ۾ عيد فصح ملهائڻي هوندي هئي. پر هن سال اها مقرر وقت تي نہ ملهائي ويئي هئي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڪم لاءِ گھربل تعداد جيترن ڪاهنن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو ۽ نہ وري ماڻهو ئي يروشلم ۾ گڏ ٿيا هئا. سو بادشاهہ پنهنجي سڀني عملدارن ۽ ماڻهن سان گڏجي اهو فيصلو ڪيو تہ سال جي ٻئي مهيني ۾ عيد فصح ملهائي وڃي. اهو فيصلو بادشاهہ ۽ سڄيءَ عوام کي چڱو لڳو. سو حزقياہ بادشاهہ سڄي اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ڏانهن چورائي موڪليو ۽ خاص طور افرائيم ۽ منسي قبيلي وارن ڏانهن بہ خط لکي موڪليائين تہ سال جي ٻئي مهيني ۾ سڀيئي ماڻهو اچي خداوند جي گھر وٽ عيد فصح ملهائين.


ستين مهيني جي اچڻ تائين سڀ بني اسرائيل پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي چڪا هئا. پوءِ ان مهيني ۾ سڀ ماڻهو يڪمشت ٿي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.


جڏهن خداوند صيئون کي وري اڏيندو، تڏهن ماڻهو اتي يروشلم ۾ سندس نالي جي واکاڻ پيا ڪندا.


اي ايمان وارؤ! خداوند جي واکاڻ ڳايو، جيڪو صيئون منجھہ رهي ٿو. اوهين سڀني قومن کي سندس ڪم بيان ڪري ٻڌايو.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ بنياد رکڻ لاءِ هڪڙو مضبوط پيڙهہ جو پٿر رکان ٿو، جيڪو نهايت اهم ۽ ڀروسي جهڙو هوندو. جيڪو بہ انهيءَ تي يقين ڪندو، تنهن کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو.


آءٌ پنهنجي انهيءَ عدالت واري ڏينهن کي ويجھو ٿو آڻيان، اهو پري بلڪل نہ آهي. هاڻ پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ منهنجي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي. آءٌ يروشلم کي بچائيندس، تڏهن بني اسرائيل وارا منهنجي عظمت جو نشان بڻبا.“


هر هڪ قبيلي مان هڪڙو هڪڙو ماڻهو جيڪو پنهنجي اباڻي گھراڻي جو وڏو هجي، سو انهيءَ ڪم ۾ اوهان جي مدد ڪري.“


تڏهن يشوع سڄي بني اسرائيل کي يعني انهن جي سردارن، اڳواڻن، ججن ۽ عملدارن کي سڏائي چيو تہ ”هاڻ آءٌ پيرسن ٿي ويو آهيان.


يشوع بني اسرائيل جي سڀني قبيلن کي سڪم ۾ آڻي گڏ ڪيو. هن بني اسرائيل جي سردارن، اڳواڻن، ججن ۽ عملدارن کي گھرايو ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا.


هن ڪري جو پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ هڪ پٿر رکان ٿو، جيڪو مخصوص، قيمتي ۽ پيڙهہ جو پٿر آهي. جيڪو ماڻهو انهيءَ تي ايمان آڻيندو، سو ڪڏهن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ