Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 7:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سليمان جي رهائش‌گاهہ جيڪا عدالت واري انهيءَ هال جي پٺيان ٻئي صحن ۾ هئي تنهن تي بہ ساڳئي قسم جو ڪم ٿيل هو. سليمان پنهنجي زال جيڪا فرعون جي ڌيءَ هئي، تنهن لاءِ بہ عدالت جي انهيءَ هال جهڙو گھر ٺهرايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ سندس رهڻ جو گهر، جو انهيءَ ورانڊي جي ٻئي ايوان ۾ هو، تنهن تي بہ ساڳئي قسم جو ڪم ٿيل هو. هن فرعون جي ڌيءَ لاءِ (يعني سليمان جي زال لاءِ) بہ انهيءَ ورانڊي جهڙو گهر جوڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 7:8
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سليمان مصر جي بادشاهہ جي ڌيءَ سان شادي ڪري ساڻس مائٽي ڳنڍي. جيستائين سليمان پنهنجو محل ۽ هيڪل نہ جوڙائي ۽ يروشلم جي چوڌاري ڀت نہ تعمير ڪرائي، تيستائين انهيءَ زال کي پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ آڻي رهايائين.


اهي سڀ جايون وڏي صحن سميت بنياد کان وٺي ڇت تائين وڏن وڏن ۽ سٺن پٿرن جون ٺهيل هيون. پٿر ماپ موجب اندران ۽ ٻاهران ڪاراين سان ڪٽيا ويا هئا.


انهيءَ کان اڳ مصر جي بادشاهہ فرعون جزر تي ڪاهہ ڪري قبضو ڪيو هو. هن انهيءَ کي باهہ ڏيئي ساڙائي اتان جي رهاڪن کي قتل ڪرائي ڇڏيو هو ۽ بعد ۾ اهو شهر پنهنجي ڌيءَ سليمان جي زال کي ڏاج ۾ ڏيئي ڇڏيو هئائين.


جڏهن فرعون جي ڌيءَ دائود جي شهر مان نڪري پنهنجي انهيءَ گھر ۾ اچي رهڻ لڳي جيڪو سليمان سندس لاءِ تعمير ڪرايو هو، تڏهن سليمان هيٺاهين دڙي جي سنوت ڪرائي.


بادشاهہ جي محل مان نڪري يسعياہ اڃا مرڪزي اڱڻ وٽ مس پهتو تہ خداوند کيس فرمايو تہ


سليمان پنهنجي زال جيڪا فرعون جي ڌيءَ هئي، تنهن کي دائود جي شهر مان ڪڍي انهيءَ محل ۾ آندو جيڪو سندس لاءِ جوڙايو هئائين. هن چيو تہ ”منهنجي زال کي اسرائيل جي بادشاهہ دائود جي محل ۾ نہ رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اها غير قوم مان آهي ۽ جنهن جنهن جاءِ ۾ خداوند جي عهد واري صندوق آئي آهي سي سڀيئي پاڪ آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ