Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 7:51 - Muslim Sindhi Bible

51 اهڙيءَ طرح خداوند جي هيڪل لاءِ جنهن ڪم جو سليمان بادشاهہ حڪم ڏنو هو سو پورو ٿيو. پوءِ سليمان اُهي شيون کڻائي آيو جيڪي سندس پيءُ دائود خداوند لاءِ مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، سون ۽ ٻيو سمورو سامان. اُهي هن خداوند جي هيڪل جي گدامن ۾ آڻي رکايا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

51 انهيءَ طرح خداوند جي گهر ۾ جيڪو ڪم سليمان ڪرايو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اُهي شيون کڻي آيو جي سندس پيءُ دائود مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ باسڻ، اُهي هن خداوند جي گهر جي خزانن ۾ رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 7:51
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن اهي سڀ شيون خدا جي گھر ۾ آڻي رکيون، جيڪي هن جي پيءُ ابياہ ۽ هن پاڻ وقف ڪيون هيون يعني چاندي، سون ۽ ٿانوَ.


سو سليمان هيڪل ٺهرائي پوري ڪئي.


اهڙيءَ طرح هن هيڪل کي تعمير ڪرايو ۽ ديال جي شهتيرن ۽ تختن جي ڇت وجھرائي کيس پورو ڪيو.


ان کان علاوہ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالن ۽ ٿالهن سميت ٻيون جيڪي بہ سون ۽ چانديءَ جون شيون هيون سي سڀ شاهي محافظ دستي جو سالار کڻائي ويو.


جڏهن اهو سمورو ڪم پورو ٿيو جيڪو هيڪل لاءِ ڪرايو ويو هو، تڏهن سليمان بادشاهہ اهي سڀ شيون کڻائي اچي هيڪل اندر رکايون جيڪي سندس پيءُ دائود خداوند لاءِ مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، سون ۽ ٻيو سمورو سامان. هن اهي سڀ شيون هيڪل جي خزاني ۾ رکايون.


جيڪو حڪم دائود ڪاهنن ۽ لاوين کي ڪنهن بہ ڳالهہ بابت يا خزانن بابت ڏيندو هو، تنهن جي هو ڀڃڪڙي نہ ڪندا هئا.


اهڙيءَ طرح دارا شهنشاهہ جي شاهيءَ جي ڇهين سال ۾ ادار مهيني جي ٽين تاريخ تي هيڪل جڙي راس ٿي.


پوءِ موسيٰ خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ قربان‌گاهہ جي چوڌاري اڱڻ جي قنات کڙي ڪرائي ۽ اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح موسيٰ هي سمورو ڪم ائين ئي پورو ڪيو، جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.


”زربابل جي هٿن منهنجي گھر جو نئين سر بنياد وڌو آهي ۽ انهيءَ جا هٿ ئي ان کي مڪمل ڪندا.“ اهو ڏسي اوهين يهوداہ وارا ڄاڻي وٺندا تہ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ