Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 7:39 - Muslim Sindhi Bible

39 پنج ريڙهيون هيڪل جي ڏاکڻي پاسي رکيون ويون ۽ پنج اترئين پاسي. وڏو حوض هيڪل جي اوڀر پاسي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ وٽ رکيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 ۽ هن پنج گاڏيون گهر جي سڄي هٿ پاسي رکيون، ۽ پنج گاڏيون گهر جي کٻي هٿ پاسي: ۽ هن اُهو سمنڊ گهر جي سڄي هٿ پاسي، اُڀرندي ڏي، ڏکڻ ڏانهن رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 7:39
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ حورام ڪاريگر پتل جا ڏهہ ننڍا حوض ٺاهيا، هر هڪ ريڙهيءَ ۾ هڪ حوض رکڻو هو. هر هڪ ننڍي حوض ۾ پوڻا نوَ سؤ ليٽر ماپيا ٿي ۽ هر هڪ حوض پوڻا ٻہ ميٽر ويڪرو هو.


حورام ڪاريگر ٿانوَ، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ پڻ ٺاهيا. اهڙيءَ طرح حورام ڪاريگر اُهو سمورو پتل جو ڪم پورو ڪيو جيڪو کيس سليمان بادشاهہ جي حڪم مطابق خداوند جي هيڪل ۾ ڪرڻو هو يعني


هن وڏو حوض هيڪل ۾ ڏاکڻي پاسي ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ ۾ رکرايو.


هن ڏهہ ننڍا حوض بہ ٺهرايا، جن مان پنج هيڪل جي ساڄي پاسي رکيائين ۽ پنج کاٻي پاسي. انهن ۾ جانورن جا ساڙڻ وارين قربانين جا حصا ڌوتا ويندا هئا. پر اهو وڏو حوض ڪاهنن جي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ هو.


هن مقرر ڪيل قاعدن موجب ڏهہ سون جا شمعدان ٺهرايا ۽ اهي آڻي هيڪل ۾ رکرايائين، پنج ساڄي پاسي ۽ پنج کاٻي پاسي.


جڏهن اهو سمورو ڪم پورو ٿيو جيڪو هيڪل لاءِ ڪرايو ويو هو، تڏهن سليمان بادشاهہ اهي سڀ شيون کڻائي اچي هيڪل اندر رکايون جيڪي سندس پيءُ دائود خداوند لاءِ مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، سون ۽ ٻيو سمورو سامان. هن اهي سڀ شيون هيڪل جي خزاني ۾ رکايون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ