Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 7:29 - Muslim Sindhi Bible

29 فريمن جي وچ وارن تختن تي شينهن، ڏاند ۽ پردار آسماني مخلوق جا مجسما ٺهيل هئا. فريمن تي تختن جي مٿان ۽ هيٺان هٿ جا جوڙيل هار لڳل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ اُنهن پٽڙين جي وچ وارن ڪنارن تي شينهن، ۽ ڏاند، ۽ ڪروبي هئا؛ ۽ پٽڙين جي مٿان هڪڙو پائو هو: ۽ شينهن ۽ ڏاندن جي هيٺان هٿ جا جوڙيل هار پئي لڙڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 7:29
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ. ڏس، هو يهوداہ قبيلي جو شينهن جيڪو دائود جي نسل مان آهي، سو ئي فتحياب ٿيڻ ڪري انهن ستن مُهرن کي ٽوڙڻ ۽ انهيءَ ويڙهوٽي کي کولڻ جي لائق آهي.“


اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


صندوق جي مٿان پردار آسماني مخلوق جهڙا ٻہ مجسما ٺهيل هئا، جيڪي خدا جي موجودگيءَ جي نشاني هئا ۽ اهي ڪفاري واري جاءِ تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هئا. پر هن وقت انهن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جو موقعو ناهي.


آءٌ خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ وارن مٿان شينهن وانگر اچي ڪڙڪندس. آءٌ کين چيري ڦاڙي ڇڏيندس ۽ ڪنهن کي ڪين بخشيندس. جڏهن آءٌ کين چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ کڻي ويندس، تڏهن کين ڪوبہ ڇڏائڻ وارو نہ هوندو.


هر هڪ مخلوق کي چار منهن هئا. سندن پهريون منهن ڍڳي جهڙو هو، ٻيو انسان جهڙو، ٽيون شينهن جهڙو ۽ چوٿون عقاب جهڙو هو.


انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي مختلف قسم جا چار منهن هئا. انهن جو اڳ وارو منهن انسان جهڙو ۽ ساڄي پاسي وارو منهن شينهن جهڙو هو. انهن جو کاٻي پاسي وارو منهن ڏاند جهڙو ۽ پٺيان وارو منهن عقاب جهڙو هو.


اهو حوض ٻارهن پتل جي ٺهيل ڏاندن جي پٺين تي رکيو ويو جن جا پٺيان پاسا اندر حوض طرف هئا. انهن مان ٽن ڏاندن جو منهن اتر ڏانهن، ٽن جو اولهہ ڏانهن، ٽن جو ڏکڻ ڏانهن ۽ ٽن جو اوڀر ڏانهن هو.


مقدس ترين جاءِ ۾ رکيل پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جا پَر پکڙيل هئا. انهن جي پکڙيل پَرن جون ٻاهريون چوٽيون پاسي وارين ڀتين سان ٿي لڳيون ۽ اندريون پَرن جون چوٽيون ڪمري جي وچ ۾ هڪٻئي سان ٿي لڳيون.


هن سون کي گھڙي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي پردار آسماني مخلوق جا ٻہ مجسما ٺاهيا.


تون رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي سون کي گھڙي پردار آسماني مخلوق جا ٻہ مجسما ٺهرائج.


پوءِ اوڀر پاسي باغ جي لنگھہ وٽ پردار آسماني مخلوق سان گڏ هڪ تجليدار تلوار مقرر ڪيائين جيڪا چئني پاسن تي پيئي ڦري، تہ جيئن ڪوبہ باغ اندر زندگيءَ جي وڻ جي ويجھو وڃي نہ سگھي.


اُهي ريڙهيون هن طرح جڙيل هيون جو انهن کي پاسن کان تختا هئا ۽ تختا فريمن جي وچ ۾ هئا.


هر هڪ ريڙهيءَ کي چار پتل جا ڦيٿا ۽ پتل جون ئي سرايون هيون. هر هڪ ريڙهيءَ ۾ هڪ ننڍو حوض رکڻ لاءِ هيٺان چئني ڪنڊن تي پلٽيل ٽيڪون هنيون ويون. هر هڪ ٽيڪ تي هار ٺاهيا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ