Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 7:27 - Muslim Sindhi Bible

27 حورام ڪاريگر ڏهہ پتل جون ريڙهيون پڻ ٺاهيون، هر هڪ ريڙهيءَ جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري يعني پوڻا ٻہ ميٽر هئي ۽ اوچائي سوا ميٽر هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ۽ هن پتل جون ڏهہ گاڏيون جوڙيون؛ هر ڪنهن گاڏيءَ جي ڊيگهہ ۽ ويڪر چار هٿ، ۽ اوچائي ٽي هٿ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 7:27
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ حوض جي ٿولهہ چار آڱر هئي ۽ سندس ڪنارو پيالي جي ڪناري وانگر هو جيڪو ٻاهرين پاسي سوسن گل وانگر وريل هو. حوض ۾ چوئيتاليهہ هزار ليٽر ماپي ٿي سگھيا.


اُهي ريڙهيون هن طرح جڙيل هيون جو انهن کي پاسن کان تختا هئا ۽ تختا فريمن جي وچ ۾ هئا.


پوءِ حورام ڪاريگر پتل جا ڏهہ ننڍا حوض ٺاهيا، هر هڪ ريڙهيءَ ۾ هڪ حوض رکڻو هو. هر هڪ ننڍي حوض ۾ پوڻا نوَ سؤ ليٽر ماپيا ٿي ۽ هر هڪ حوض پوڻا ٻہ ميٽر ويڪرو هو.


بادشاهہ آخز پتل جي ريڙهين جا تختا ڌار ڪرائي ڇڏيا ۽ انهن تان ننڍا حوض هٽرائي ڇڏيائين. هن پتل جي ڏاندن جي پٺيءَ تان وڏو حوض کڻائي اهو پٿر جي ٿلهي تي رکرائي ڇڏيو.


پتل جا ٿنڀا، پتل جون ريڙهيون ۽ پتل جو وڏو حوض، جيڪي خداوند جي گھر ۾ هئا سي بابلين ڀڃي ڇڏيا ۽ سمورو پتل بابل ڏانهن کڻي ويا.


هو ٻئي ٿنڀا، وڏو حوض ۽ ريڙهيون بہ کڻي ويو، جيڪي سليمان خداوند جي گھر لاءِ ٺهرايون هيون. انهن سڀني جو پتل تورڻ کان ٻاهر هو.


ڏهہ ننڍا حوض ۽ انهن لاءِ ڏهہ ريڙهيون،


پر منهنجي هيڪل ۾، يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ ۽ يروشلم شهر ۾ جيڪو باقي بچيل سامان يعني پتل جا ٿنڀا، پتل جو حوض، پتل جون ريڙهيون ۽ ٻيو سامان، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر کڻي نہ ويو هو، جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي سڀني اميرن کي بابل ڏانهن قيد ڪري وٺي ويو هو، تنهن سامان بابت آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ


پتل جا ٿنڀا، پتل جون ريڙهيون ۽ پتل جو حوض جيڪي خداوند جي گھر ۾ هئا، سي سڀ بابل وارن ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا ۽ انهن جو سڀ پتل بابل ڏانهن کڻي ويا.


پتل جا ٻئي ٿنڀا، وڏو حوض، ٻارهن پتل جا ڍڳا، جيڪي حوض جي هيٺان هئا ۽ ريڙهيون، اهي سڀ سليمان بادشاهہ خداوند جي گھر لاءِ پتل مان ٺهرايا هئا ۽ انهن جو پتل تورڻ کان ٻاهر هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ