1.بادشاهَہ 7:23 - Muslim Sindhi Bible23 پوءِ حورام ڪاريگر گول پلٽيل پتل جو هڪ وڏو حوض ٺاهيو، جنهن جي ماپ هڪڙي ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين ساڍا چار ميٽر، اوچائي سوا ٻہ ميٽر ۽ گولائي ساڍا تيرهن ميٽر هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible23 ۽ هن هڪڙو پلٽيل سمنڊ جوڙيو، جو هڪڙي ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين چوڌاري گولائيءَ ۾ ڏهہ هٿ هو، ۽ انهيءَ جي اوچائي پنج هٿ هئي. ۽ انهيءَ جي چوڌاري ٽيهن هٿن جو هڪڙو پٽو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ بادشاهہ آخز اورياہ ڪاهن کي حڪم ڏنو تہ ”نئين وڏي قربانگاهہ تي مون بادشاهہ جي ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن جي صبح جو ساڙڻ واري قرباني ۽ شام جو اناج جي قرباني پيش ڪندو ڪر. ان کان علاوہ ماڻهن جي اوتڻ واري قرباني بہ پيش ڪندو ڪر. ساڙڻ وارين قربانين بلڪ سڀني جانورن وارين قربانين جو سمورو رت قربانگاهہ تي ڇٽڪاريندو ڪر. پر پتل واري قربانگاهہ خدا کان منهنجي سوال پڇڻ لاءِ رڳو مون لاءِ ڇڏي ڏي.“
پر منهنجي هيڪل ۾، يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ ۽ يروشلم شهر ۾ جيڪو باقي بچيل سامان يعني پتل جا ٿنڀا، پتل جو حوض، پتل جون ريڙهيون ۽ ٻيو سامان، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر کڻي نہ ويو هو، جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي سڀني اميرن کي بابل ڏانهن قيد ڪري وٺي ويو هو، تنهن سامان بابت آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ