Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 7:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هو نفتالي قبيلي جي هڪ رن‌زال جو پٽ هو ۽ هن جو پيءُ صور شهر جو رهاڪو هو ۽ اهو بہ پتل جي ڪم جو ڪاريگر هو. حورام پتل جي هر قسم جي ڪم ۾ تمام ماهر ۽ تجربيڪار هو. هو سليمان وٽ آيو ۽ جيڪو بہ ڪم کيس ڏنو ٿي ويو سو پورو ٿي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 هو نفتالي جي فرقي جي هڪڙيءَ رن زال جو پٽ هو، ۽ هن جو پيءُ صور جو هڪڙو رهاڪو هو، ۽ پتل جو ڪم ڪندڙ هو؛ ۽ هو پتل جي هر قسم جي ڪم ۾ سياڻپ ۽ سمجهہ، ۽ هنرمنديءَ ۾ ماهر هو. ۽ هو سليمان وٽ آيو ۽ سندس سڀ ڪم ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 7:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي ماءُ دان جي ڪٽنب مان آهي ۽ هن جو پيءُ صُور جو رهاڪو آهي. هو سون، چانديءَ، پتل، لوهہ، پٿر ۽ ڪاٺ جي ڪم ۾ ۽ واڱڻائي، نيري، لال ڳاڙهي رنگ جي ڪپڙي جي ڪم ۾ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جي ڪم ۾ ماهر آهي. هو هر ڪنهن اُڪر جي ڪم ۾ ۽ هر ڪنهن نئين نموني رٿڻ ۾ ماهر آهي. هو اوهان جي ڪاريگرن توڙي منهنجي آقا دائود، اوهان جي پيءُ جي ڪاريگرن سان گڏجي ڪم ڪندو.


پر ڪنهن کي طاقت آهي جو ان لاءِ گھر تعمير ڪرائي سگھي؟ جڏهن تہ آسمان ۾ بلڪ عرش عظيم ۾ بہ هو سمائجي نہ ٿو سگھي، تہ پوءِ آءٌ ڪير آهيان جو سندس حضور ۾ قربانيون پيش ڪرڻ جي خيال کان علاوہ هن لاءِ گھر بہ ٺاهي سگھان؟


هن تغاريون، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ پڻ ٺهرايا. اهڙيءَ طرح حورام هيڪل لاءِ اهو سمورو پتل جو ڪم پورو ڪيو جنهن جو حڪم بادشاهہ سليمان کيس ڏنو هو،


تغاريون، ڪوڏريون، گوشت لاءِ ڪنڍا ۽ ٻيو سڀ گھربل سامان. جيڪي شيون ماهر ڪاريگر حورام هيڪل لاءِ بادشاهہ سليمان جي حڪم موجب ٺاهيون سي سڀ چمڪندڙ پتل جون هيون.


تون انهن سڀني ماهر ڪاريگرن، جن کي مون حڪمت جي روح سان ڀرپور ڪيو آهي، تن کي چئُہ تہ هارون جي لاءِ خاص پوشاڪ ٺاهين، انهيءَ لاءِ تہ هو مخصوص ٿي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿئي ۽ اها پوشاڪ پائي.


موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”ياد رکو، خداوند يهوداہ قبيلي مان اوريءَ جي پٽ ۽ حور جي پوٽي بصل‌ايل کي چونڊيو آهي.


انهيءَ کي دانائيءَ، سمجھہ، علم ۽ هر قسم جي ڪاريگريءَ ۾ خدا جي روح سان ڀرپور ڪري ڇڏيو آهي،


هن ٻنهي جي دلين ۾ دانائي ڀري ڇڏي آهي تہ جيئن هو ٻئي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪن، يعني اُڪر واري جو، ماهر نقاش جو، ڀرت جو ڪم ڪندڙ جو، جيڪو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن جو ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪري ٿو ۽ ڪپڙن اُڻڻ واري جو. مطلب تہ اهي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري نيون شيون رٿي تيار ڪن.


سو بصل‌ايل، اهلياب ۽ ٻيا سڀيئي ڪاريگر ماڻهو، جن کي خداوند دانائي ۽ سمجھہ عطا ڪئي هئي، سي مقدس خيمي جي ڪم جي سموري ڪاريگريءَ کي سمجھي خداوند جي حڪم موجب ڪم ڪندا.“


سو ڪم ڪرڻ وارن مان جيڪي هوشيار ڪاريگر هئا، تن هٿان مقدس خيمي جي قنات ۽ پال لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جا ڏهہ پردا ٺاهيا ويا، جن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا. انهن تي پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيون ويون.


هو ڄاڻين ٿا تہ کين پنهنجو ڪم ڪيئن ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا کين اها سمجھہ عطا ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ