11 انهن جي مٿان بہ سٺا پٿر لڳل هئا جيڪي ماپ موجب ڪٽيل هئا ۽ ديال جو ڪاٺ پڻ وڌو ويو هو.
11 ۽ مٿان بہ قيمتي پٿر هئا يعني ٽُڪيل پٿر ماپ موجب، ۽ ديودار جو ڪاٺ.
بنياد سٺن وڏن پٿرن جو پيل هو جن مان ڪن پٿرن جي ماپ ساڍا چار ميٽر هئي تہ ڪن جي ساڍا ٽي ميٽر.
محل جي وڏي صحن جي چوڌاري جيڪي ڀتيون هيون تن ۾ ڪٽيل پٿرن جي هر ٽئين بار کان پوءِ هڪ بار ديال جي شهتيرن جو هو، جهڙيءَ طرح هيڪل جو اندريون اڱڻ ۽ ورانڊو ٺاهيو ويو هو.
اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.