Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 6:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن هيڪل تعمير ڪئي ٿي ويئي تڏهن اتي ڪنهن بہ مُترڪي، ڇيڻيءَ يا ڪنهن ٻئي لوهہ جي اوزار جو آواز ٻڌڻ ۾ ڪونہ پئي آيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پٿر استعمال ڪيا ٿي ويا سي جبلن مان ڪڍڻ وقت ئي گھڙي تيار ڪيا ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ جڏهن گهر جڙڻ لڳو، تڏهن کاڻ وٽ تيار ڪيل پٿرن سان اُهو جوڙيو ويو: ۽ نہ مُترڪي، نہ ڪهاڙي ۽ نہ ٻئي ڪنهن لوهہ جي اوزار جو آواز، گهر جوڙيندي گهر منجهہ ٻڌڻ ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 6:7
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀ کان هيٺين منزل ۾ هر حجرو سوا ٻہ ميٽر ويڪرو هو، وچين منزل ۾ پوڻا ٽي ميٽر ۽ سڀ کان مٿين منزل ۾ ٽي ميٽر ويڪرو هو. هن هيڪل جي ٻاهران چوڌاري ڀت ۾ ٽيڪون ڏياريون انهيءَ لاءِ تہ شهتيرَ هيڪل جي ڀتين ۾ لڳل نہ هجن.


سڀ کان هيٺين منزل ۾ وڃڻ جو رستو هيڪل جي ڏاکڻي پاسي کان هو. اتان ڏاڪڻ وچين منزل تي ۽ اتان پوءِ سڀ کان مٿين منزل ڏانهن ويئي پئي.


جيڪڏهن اوهين منهنجي لاءِ پٿر جي قربان‌گاهہ ٺاهيو، تہ گھڙيل پٿر جي نہ ٺاهجو، ڇاڪاڻ تہ جڏهن اوهين پٿر تي ڇيڻي وهائيندا تہ انهيءَ کي ناپاڪ ڪري وجھندا.


پهريائين ٻنيءَ ۾ هر ڪاهي ٻج پوکيو، پوءِ پنهنجو گھر ٺاهيو.


هو نڪي رڙيون ڪندو ۽ نہ وري هل مچائيندو، ۽ نہ ئي وري هن جو آواز بازارن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو.


انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ ڪليسيا کي امن حاصل ٿيو. اها خداوند جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌندي ويئي.


يا انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو خدا پنهنجي جلوي جي دولت انهن رحم وارن ٿانوَن تي ظاهر ڪئي، جيڪي هن پنهنجي جلوي جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪري ڇڏيا هئا،


اهو خدا ئي آهي، جنهن اسان کي انهيءَ تبديليءَ لاءِ تيار ڪيو آهي ۽ اڳواٽ ئي پاڪ روح بياني طور ڏنو اٿائين.


خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا، جنهن اوهان کي روشنيءَ واري بادشاهيءَ ۾ انهيءَ ورثي جا حصيدار ٿيڻ جي لائق ڪيو آهي، جيڪو هن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ مقرر ڪيو آهي.


ڇاڪاڻ تہ ڪاوڙ جي حالت ۾ ماڻهوءَ کان اهڙا ڪم ٿي نہ ٿا سگھن جن مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ