1.بادشاهَہ 6:12 - Muslim Sindhi Bible12 ”تون جيڪو هي هيڪل جوڙي رهيو آهين، سو جيڪڏهن تون منهنجي قاعدن قانونن تي هلندين ۽ منهنجا سڀ حڪم مڃي انهن تي عمل ڪندين تہ پوءِ جيڪو واعدو تنهنجي پيءُ دائود سان مون ڪيو هو سو آءٌ تو سان پورو ڪندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 هي جيڪو گهر تون جوڙين ٿو، تنهن جي نسبت ۾ جيڪڏهن تون منهنجن قانونن تي هلندين، ۽ منهنجن فيصلن جي تعميل ڪندين، ۽ منهنجا سڀ حڪم بجا آڻي انهن تي هلندين؛ تہ جيڪي ڳالهيون مون تنهنجي پيءُ دائود سان ڪيون آهن سي قائم رکندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صافدليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.
هاڻي اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو ٻيو واعدو ڪيو هو سو بہ پورو ڪر، جو چيو هوءِ تہ ’تنهنجي واسطي منهنجي حضور ۾ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ هرگز تنهنجي اولاد مان ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي بشرطيڪ هو سڌيءَ راهہ تي هلندي منهنجي اهڙي ئي فرمانبرداري ڪري جهڙي تون ڪندو رهيو آهين.‘