Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 5:9 - Muslim Sindhi Bible

9 منهنجا مزدور اهو ڪاٺ لبنان کان سمنڊ تائين آڻيندا ۽ هو انهن کي پاڻ ۾ ٻڌي ٻيڙين وانگر سمنڊ جي رستي انهيءَ هنڌ تائين لوڙهي آڻيندا، جيڪو هنڌ تون مقرر ڪندين. اتي هو انهن کي کولي رکندا ۽ پوءِ تون اتان کڻائي وڃج. باقي تون ان جي عيوض منهنجي محل جي لاءِ گھربل سيڌو سامان موڪلي ڏج.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 منهنجا نوڪر، اُهي لبنان کان هيٺ سمنڊ تائين آڻيندا: ۽ آءٌ انهن کي ڳنڍي ٻيڙين وانگر سمنڊ جي رستي انهيءَ هنڌ آڻيندس جو تون مقرر ڪندين، ۽ پوءِ آءٌ اُهي توکي کولائي ڏيندس ۽ تون انهن کي وٺج: ۽ تون منهنجي گهر جي لاءِ کاڌو موجود ڪري منهنجي مرضي پوري ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 5:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري ڏس، جيئن تو چيو آهي تيئن ئي آءٌ ڪريان ٿو. آءٌ تو کي عقل ۽ سمجھہ واري اهڙي دل ڏيان ٿو جيڪا ڪنهن ٻئي کي نہ تو کان اڳ ۾ ملي هئي ۽ نہ وري تو کان پوءِ ڪنهن کي ملندي.


بني اسرائيل قوم جا ماڻهو ايترا تہ گھڻا هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا. هو کائيندا، پيئندا ۽ مزا ماڻيندا وتندا هئا.


اهڙيءَ طرح بادشاهہ حيرام سليمان کي سندس خواهش موجب ديال ۽ صنوبر جو ڪاٺ پهچائيندو رهيو.


پوءِ بادشاهہ حيرام سليمان ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيڪو پيغام تو مون ڏانهن موڪليو آهي سو مون کي مليو. ديال ۽ صنوبر جي ڪاٺ جي باري ۾ جيئن تون چاهين ٿو تيئن آءٌ ڪندس.


حيرام پنهنجا ڪجھہ تجربيڪار ملاح سليمان ڏانهن موڪليا جيڪي سندس ملاحن سان گڏ انهن جهازن ۾


سندس بادشاهيءَ دوران يروشلم ۾ چاندي ۽ سون پٿرن وانگر عام ٿي ويا ۽ ديال جو ڪاٺ ايترو تہ جھجھو ڪري ڇڏيائين جيترا اتان جي هيٺاهين علائقي ۾ انجير جا وڻ هوندا آهن.


اسين لبنان جي جبلن مان ايترو ڪاٺ وڍينداسون جيترو اوهين گھرندا. اهو سمنڊ جي رستي ٻيڙين وانگر تاري يافا شهر جي بندر تائين آڻينداسون. پوءِ اُهو اوهين اُتان يروشلم ڏانهن کڻائي وڃجو.“


بادشاهہ سليمان دولت ۽ حڪمت ۾ دنيا جي سڀني بادشاهن کان وڌيڪ هو.


پوءِ ماڻهن رازن ۽ واڍن جي مزدوريءَ لاءِ پئسا ڏنا. هنن کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ زيتون جو تيل بہ ڏنو تہ جيئن اهي شيون صيدا ۽ صور ڏانهن موڪليون وڃن، جنهن جي عيوض لبنان کان يافا تائين سمنڊ رستي ديال جا وڻ وڍائي آندا وڃن. اهو سڀ ڪجھہ فارس جي بادشاهہ خورس جي اجازت سان ٿي ڪيو ويو.


پر نہ، اهو تہ خدا قادرِمطلق جو روح ئي آهي، جيڪو انسان ۾ اچي ٿو ۽ انهيءَ کي سمجھہ عطا ڪري ٿو.


مون پنهنجيءَ دل ۾ سوچيو تہ ”ڏس، يروشلم ۾ جيڪي مون کان اڳ حڪمران ٿي گذريا آهن، تن سڀني کان وڌيڪ ڏاهپ مون حاصل ڪئي آهي. هائو، عقل ۽ ڄاڻ جو مون وڏو مطالعو ڪيو آهي.“


يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن جا رهاڪو پڻ تو سان واپار ڪندا هئا. هو تنهنجي شين جي بدلي ۾ پنهنجي عمدي ڪڻڪ ۽ ٻيو اناج، ماکي، زيتون جو تيل ۽ سرهاڻ تو وٽ آڻيندا هئا.


جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو.


آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي پار وڃڻ ڏي تہ آءٌ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر وارو چڱو ملڪ، سهڻو جابلو علائقو ۽ لبنان وڃي ڏسان.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ