Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 5:6 - Muslim Sindhi Bible

6 سو هاڻي حڪم جاري ڪر تہ منهنجي لاءِ لبنان جي علائقي ۾ ديال جا وڻ وڍيا وڃن. منهنجا مزدور تنهنجي مزدورن سان همراهي ڪرائيندا ۽ آءٌ تنهنجي مزدورن جي تو کي اوتري ئي اجرت ڏيندس جيتري تون مقرر ڪندين. تو کي تہ خبر آهي تہ اسان جي ملڪ ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ڪاٺ وڍڻ جي هنر ۾ اوهان صيدانين جهڙو هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تنهنڪري هاڻي حڪم جاري ڪر تہ لبنان مان منهنجي لاءِ ديودار جا وڻ وڍيا وڃن، ۽ منهنجا نوڪر تنهنجن نوڪرن سان همراهہ ٿيندا؛ ۽ آءٌ تنهنجن نوڪرن جو اُجورو، جيترو تون چوندين اوترو ڏيندس: ڇالاءِ جو توکي خبر آهي تہ اسان ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو ڪاٺ وڍڻ جي هنر ۾ صيدونين جهڙو هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 5:6
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعان کي پهريون پٽ صيدا ڄائو ۽ پوءِ حِت.


سليمان جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙي سوار گڏ ڪرايا. وٽس هڪ هزار چار سؤ جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ ٻارهن هزار گھوڙي سوار هئا، جيڪي هن مختلف شهرن ۾ ۽ ڪجھہ پاڻ وٽ يروشلم ۾ رهايا هئا.


جڏهن سليمان جو پيغام حيرام بادشاهہ ٻڌو تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين تہ ”اڄوڪي ڏينهن خداوند جي واکاڻ هجي، جنهن دائود کي هن وڏيءَ قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ هڪڙو داناءُ پٽ عطا ڪيو آهي.“


هيڪل جي پٺئين پاسي نوَن ميٽرن جي فاصلي تي هڪ ڀت ٺهرائي ويئي تہ جيئن الهام‌گاهہ يعني مقدس ترين جاءِ ڌار ٿي پوي. انهيءَ جي ڀت تي بہ فرش کان وٺي ڇت تائين ديال جا تختا کوڙايا ويا.


سڄي هيڪل کي اندران نج سون سان ڍڪيو ويو ۽ مقدس ترين جاءِ جي اڳيان سون جا زنجير ٻڌا ويا. اها مقدس ترين جاءِ اندران نوَ ميٽر ڊگھي، نوَ ميٽر ويڪري ۽ نوَ ميٽر اوچي هئي. انهيءَ تي بہ اندران نج سون چڙهايو ويو. مقدس ترين جاءِ جي اڳيان لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ کي ديال جي ڪاٺ سان ڍڪيو ويو ۽ مٿس بہ سون چاڙهيو ويو.


گدامن جا سڀ شهر، پنهنجين جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙي سوارن وارا شهر ۽ ٻيو سڀ جيڪي هن يروشلم ۾، لبنان ۾ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي سڄي ملڪ ۾ تعمير ڪرڻ گھريو سو بہ جوڙايائين.


حيرام پنهنجا ڪجھہ تجربيڪار ملاح سليمان ڏانهن موڪليا جيڪي سندس ملاحن سان گڏ انهن جهازن ۾


هن صيدانين ۽ صور جي رهاڪن کان گھرايل تمام گھڻا ديال جا بنڊ پڻ ڏنا.


وٽس هڪ هزار چار سؤ جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ ٻارهن هزار گھوڙي سوار هئا، جيڪي هن مختلف شهرن ۾ ۽ ڪجھہ پاڻ وٽ يروشلم ۾ رهايا هئا.


آءٌ تنهنجي ڪاٺير نوڪرن کي سيڌي سامان طور سوا پنجٽيهہ لک ڪلوگرام ڏريل ڪڻڪ، سوا پنجٽيهہ لک ڪلوگرام جَوَ، چار لک چاليهہ هزار ليٽر مئي ۽ چار لک چاليهہ هزار ليٽر زيتون جو تيل ڏياري موڪليندس.“


لبنان مان ديال، صنوبر ۽ چندن جو ڪاٺ مون ڏانهن ڏياري موڪل، ڇو تہ مون کي خبر آهي تہ تنهنجا نوڪر ڪاٺ ڪٽڻ جي ڪم ۾ ماهر آهن. اتي منهنجا ماڻهو تنهنجي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪندا،


پوءِ ماڻهن رازن ۽ واڍن جي مزدوريءَ لاءِ پئسا ڏنا. هنن کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ زيتون جو تيل بہ ڏنو تہ جيئن اهي شيون صيدا ۽ صور ڏانهن موڪليون وڃن، جنهن جي عيوض لبنان کان يافا تائين سمنڊ رستي ديال جا وڻ وڍائي آندا وڃن. اهو سڀ ڪجھہ فارس جي بادشاهہ خورس جي اجازت سان ٿي ڪيو ويو.


خداوند جو آواز اهڙو آهي جو ديال جي وڻن کي ڀڃيو ڇڏي، بلڪ لبناني ديال جي وڻن کي بہ هو ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو ڇڏي.


مون کين چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين بهتر سمجھو ٿا تہ مون کي منهنجي مزدوري ڏيو، نہ تہ ٺهيو.“ سو هنن مون کي مزدوريءَ طور جيڪا چاندي توري ڏني سا رڳو ٽيهہ سڪا هئي.


جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري تنهن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اهڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنهن کي سڀ چڱو چون.


انهيءَ ايڪي کي قائم رکڻ لاءِ اسان مان هر هڪ کي مسيح پنهنجي بخشش موجب جدا جدا فضل عطا ڪيو آهي.


ان کان علاوہ بادشاهہ پاڻ وٽ گھڻا گھوڙا نہ رکي، نڪي گھڻا گھوڙا گڏ ڪرڻ خاطر ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان کي فرمايو آهي تہ اوهين انهيءَ رستي وري ڪڏهن بہ موٽي نہ وڃجو.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون شرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون صحيح آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون من کي موهيندڙ آهن، مطلب تہ جيڪي بہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالهيون آهن انهن تي ويچار ڪندا رهجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ