Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 5:12 - Muslim Sindhi Bible

12 خداوند سليمان کي دانائي بخشي، جيئن ساڻس واعدو ڪيو هئائين. حيرام ۽ سليمان ۾ صلح قائم رهيو ۽ هنن ٻنهي پاڻ ۾ هڪڙو معاهدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ خداوند سليمان کي سياڻپ ڏني، جيئن ڪ هن سان انجام ڪيو هئائين؛ ۽ حيرام ۽ سليمان جي وچ ۾ صلح قائم رهيو؛ ۽ هنن ٻنهي پاڻ ۾ هڪڙو عهد ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 5:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيرسبع وٽ عهد ڪرڻ کان پوءِ ابيملڪ پنهنجي فوج جي سپهہ‌سالار فيڪل سان گڏ موٽي فلستين جي علائقي ۾ آيو.


”اسين پاڻ ۾ اهڙو معاهدو ڪريون، جيئن منهنجي ۽ تنهنجي پيءُ جي وچ ۾ هو. اِجھو، آءٌ تو ڏانهن سون ۽ چاندي تحفو ڪري موڪليان ٿو. سو تون اسرائيل جي بادشاهہ بعشا سان پنهنجو اتحاد ختم ڪر تہ جيئن هو منهنجي ملڪ مان پنهنجيون فوجون ڪڍي وڃي.“


تنهنڪري ڏس، جيئن تو چيو آهي تيئن ئي آءٌ ڪريان ٿو. آءٌ تو کي عقل ۽ سمجھہ واري اهڙي دل ڏيان ٿو جيڪا ڪنهن ٻئي کي نہ تو کان اڳ ۾ ملي هئي ۽ نہ وري تو کان پوءِ ڪنهن کي ملندي.


خدا سليمان کي دانائي ۽ سمجھہ تمام گھڻي ڏني ۽ کيس اڻ‌ميو علم عطا ڪيو.


بادشاهہ سليمان بني اسرائيل جي سڄي قوم مان ٽيهہ هزار ماڻهو بيگار لاءِ گڏ ڪيا.


سو ڏاهپ ۽ علم تہ آءٌ تو کي عطا ڪريان ٿو، بلڪ انهيءَ سان گڏوگڏ آءٌ تو کي مال، دولت ۽ عزت اهڙي عطا ڪندس جهڙي نہ تو کان اڳي وارن بادشاهن مان ڪنهن کي ملي ۽ نہ وري تو کان پوءِ ڪنهن کي ملندي.“


جيڪڏهن خداوند ئي گھر اَڏائڻ نہ چاهي، تہ پوءِ اُهي جيڪي گھر جوڙين ٿا تن جي محنت اجائي آهي. جيڪڏهن خداوند شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ پوءِ چوڪيدار جو جاڳڻ بہ بلڪل اجايو آهي.


هي نصيحتون دائود جي پٽ سليمان جون بيان ڪيل آهن، جيڪو بني اسرائيل جو بادشاهہ هو.


جيئن تہ اهي دانائيءَ واريون ڳالهيون چوندڙ هڪ وڏو ڏاهو ماڻهو هو، تنهنڪري هن پنهنجي قوم کي وڏي ڄاڻ ڏني. هائو، هن پوريءَ طرح گھڻين ئي ڳالهين تي غور ويچار ڪيو ۽ سڄي حقيقت معلوم ڪري گھڻيون ئي نصيحتون ترتيب وار بيان ڪيون.


هي راڳن جو راڳ سليمان جو تمام وڻندڙ راڳ آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”صور شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ڳوٺن جا ڳوٺ قيد ڪري ادوم ملڪ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن، ۽ برادريءَ واري عهد اقرار جو احترام نہ ڪيو اٿائون.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ