Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 5:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اهڙيءَ طرح بادشاهہ حيرام سليمان کي سندس خواهش موجب ديال ۽ صنوبر جو ڪاٺ پهچائيندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 انهيءَ طرح حيرام سليمان کي سندس خواهش موجب ديودار جو ڪاٺ ۽ صنوبر جو ڪاٺ پهچائي ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 5:10
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، جن سان گڏ ديال جو ڪاٺ، واڍا ۽ رازا بہ موڪليائين. انهن دائود جي لاءِ هڪڙو محل جوڙيو.


صور ملڪ جو بادشاهہ حيرام جيڪو هميشہ دائود جو دوست رهيو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ سليمان کي مسح ڪري سندس پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو ويو آهي، تڏهن هن سليمان ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا.


سليمان حيرام بادشاهہ کي سندس محل جي لاءِ سيڌي سامان طور سوا پنجٽيهہ لک ڪلوگرام ڪڻڪ ۽ چار لک چاليهہ هزار ليٽر زيتون جو نج تيل ڏياري موڪليو. انهيءَ طرح سال بسال سليمان حيرام ڏانهن سيڌو سامان موڪليندو رهيو.


منهنجا مزدور اهو ڪاٺ لبنان کان سمنڊ تائين آڻيندا ۽ هو انهن کي پاڻ ۾ ٻڌي ٻيڙين وانگر سمنڊ جي رستي انهيءَ هنڌ تائين لوڙهي آڻيندا، جيڪو هنڌ تون مقرر ڪندين. اتي هو انهن کي کولي رکندا ۽ پوءِ تون اتان کڻائي وڃج. باقي تون ان جي عيوض منهنجي محل جي لاءِ گھربل سيڌو سامان موڪلي ڏج.“


لبنان مان ديال، صنوبر ۽ چندن جو ڪاٺ مون ڏانهن ڏياري موڪل، ڇو تہ مون کي خبر آهي تہ تنهنجا نوڪر ڪاٺ ڪٽڻ جي ڪم ۾ ماهر آهن. اتي منهنجا ماڻهو تنهنجي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪندا،


مصر جي شهر ضُعن جا اڳواڻ بلڪل بي‌وقوف آهن. فرعون جي سڀني کان عقلمند مشيرن جي صلاح بہ احمقانہ ليکجي ٿي، پوءِ بہ اهي پنهنجي لاءِ چون ٿا تہ ”اسين ڏاهن جو اولاد ۽ شاهاڻي نسل مان آهيون.“


جڏهن بہ بني اسرائيل ڪجھہ پوکيندا هئا تہ مدياني، عماليقي ۽ اوڀر وارا ماڻهو اچي مٿن حملو ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ