9 بندقر: مقص، سعلبيم، بيتشمس، ايلون ۽ بيتحنان شهرن مٿان.
9 بن دقر، مقاض ۾، ۽ سعلبيم ۾، ۽ بيت شمس ۾، ۽ ايلون ۾، ۽ بيت حنان ۾:
پوءِ اُها بعلہ کان اولهہ طرف ادوم جي جابلو علائقي ڏانهن ڦِري ۽ اتان يعريم جبل يعني ڪسلون جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي بيتشمس ڏانهن لهي اڳتي تمنہ ڏانهن ٽپي ويئي.
شعلبين، ايالون، اتلاہ،
ايلون، تمنہ، عقرون،
عين، يوطہ، بيتشمس ۽ پڻ انهن سڀني شهرن جي آسپاس جا چراگاهہ. انهن ٻنهي قبيلن يعني يهوداہ ۽ شمعون مان مليل ڪل نَوَ شهر هئا.
اموري حرس جبل، ايالون ۽ سعلبيم ۾ رهندا آيا، پر يوسف جي گھراڻي يعني بني افرائيم ۽ بني منسي قبيلن وارن انهن کي پنهنجي هٿ هيٺ آندو ۽ کانئن بيگر جو ڪم وٺڻ لڳا.
تڏهن اهي ڳئون سنئون سڌو رستو وٺي بيتشمس ڏانهن هليون. اهي شاهي رستي سان رنڀنديون ٿي ويون ۽ نہ ساڄي پاسي ڦريون نہ وري کاٻي پاسي. فلستين جا سردار انهن جي پٺيان بيتشمس جي سرحد تائين ويا.
تڏهن بيتشمس جا ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڪير آهي جو خداوند، هن پاڪ خدا جي آڏو بيهي سگھندو؟ اسين پاڻ وٽان کيس ڪيڏانهن ٿا موڪلي سگھون؟“
ڌيان ڏجو، جيڪڏهن اها پنهنجي سرحد واري رستي کان بيتشمس شهر ڏانهن وڃي، تہ ڄاڻجو تہ بني اسرائيل جي خداوند ئي اسان تي هيءَ وڏي آفت آندي آهي، نہ تہ اسين سمجھنداسين تہ انهيءَ ۾ هن جو هٿ ڪين هو. اهو رڳو هڪڙو اتفاق هو جو اسان سان ٿيو.“