8 انهن جا نالا ۽ سندن علائقا هي آهن: بنحور: افرائيم جي جابلو علائقي مٿان.
8 ۽ انهن جا نالا هي آهن: بن حور، افرائيم جي ڪوهستان ۾:
بادشاهہ سليمان جا ٻيا ٻارهن عملدار پڻ سڄي بني اسرائيل جي مختلف علائقن مٿان مقرر هئا، جيڪي بادشاهہ ۽ سندس گھراڻي لاءِ سيڌو سامان موجود ڪري ڏيندا هئا. هر هڪ کي سال ۾ هڪ مهيني جي لاءِ سيڌو سامان موجود ڪري ڏيڻو هوندو هو.
جيئن خداوند حڪم ڏنو هو تيئن هنن اُهو ئي شهر يشوع کي ڏنو جيڪو هن گھريو هو يعني تمنتسرح، جيڪو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ آهي. هن اهو شهر وري تعمير ڪيو ۽ منجھس رهڻ لڳو.
هارون جي پٽ اليعزر وفات ڪئي ۽ کيس انهيءَ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو، جيڪا سندس پٽ فينحاس کي افرائيم جي جابلو علائقي ۾ ڏني ويئي هئي.
ميڪاہ نالي هڪڙو شخص هو جيڪو افرائيم جي جابلو علائقي جو رهاڪو هو.
جن ڏينهن ۾ بني اسرائيل تي ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو، تن ڏينهن جي ڳالهہ آهي تہ افرائيم جي جابلو علائقي جي پرانهين پنڌ تي هڪڙو لاوي رهندو هو، جنهن يهوداہ واري بيتلحم شهر مان هڪڙي عورت سُريت ڪري پاڻ وٽ رکي هئي.