1.بادشاهَہ 4:34 - Muslim Sindhi Bible34 دنيا جي سڀني بادشاهن سليمان جي دانائيءَ جي هاڪ ٻڌي هئي، سو هو ماڻهن کي موڪليندا هئا جيڪي اچي سليمان جي دانائيءَ وارا گفتا ٻڌندا هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible34 ۽ سڀني قومن، ۽ زمين جي بادشاهن جن سليمان جي ڏاهپ جو ٻڌو هو، سي هن جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ ايندا هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن شبا جي راڻيءَ بادشاهہ سليمان جي ڏاهپ جي هاڪ ٻڌي، تڏهن هوءَ ڪجھہ ڏکيا سوال کڻي سليمان کي آزمائڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي. هن سان گڏ وڏي تعداد ۾ نوڪر چاڪر هئا ۽ ساڻس گڏ مصالحن، گھڻي سون ۽ قيمتي هيرن جواهرن سان لڏيل اٺ پڻ هئا. هوءَ سليمان وٽ آئي ۽ جيڪي ڪجھہ سوچي آئي هئي، تنهن بابت هن کان پڇا ڳاڇا ڪيائين.