Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 4:31 - Muslim Sindhi Bible

31 هو سڀني ماڻهن کان وڌيڪ داناءُ هو، بلڪ ايتان ازراخي ۽ محول جي پٽن هيمان، ڪل‌ڪول ۽ دردع کان بہ وڌيڪ داناءُ هو ۽ هن جي هاڪ آس‌پاس وارين سڀني قومن ۾ پئجي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ڇالاءِ جو هو سڀني ماڻهن کان ڏاهو هو؛ ايتان ازراخي، ۽ هيمان، ۽ ڪل ڪول، ۽ دردع کان بہ، جي محول جا پٽ هئا؛ ۽ هن جي ناموس آس پاس وارين سڀني قومن ۾ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 4:31
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن شبا ملڪ جي راڻيءَ سليمان کي خداوند جي طرفان مليل ڏاهپ جي هاڪ ٻڌي تڏهن هوءَ ڏکين سوالن سان هن جي آزمائش وٺڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي.


راڻيءَ بادشاهہ کي چيو تہ ”مون پنهنجي ملڪ ۾ تنهنجي ڪارنامن ۽ تنهنجي سياڻپ بابت جيڪي ٻڌو هو سو سڀ سچ آهي.


تنهنڪري ڏس، جيئن تو چيو آهي تيئن ئي آءٌ ڪريان ٿو. آءٌ تو کي عقل ۽ سمجھہ واري اهڙي دل ڏيان ٿو جيڪا ڪنهن ٻئي کي نہ تو کان اڳ ۾ ملي هئي ۽ نہ وري تو کان پوءِ ڪنهن کي ملندي.


جڏهن سليمان جو پيغام حيرام بادشاهہ ٻڌو تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين تہ ”اڄوڪي ڏينهن خداوند جي واکاڻ هجي، جنهن دائود کي هن وڏيءَ قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ هڪڙو داناءُ پٽ عطا ڪيو آهي.“


سو لاوين هيمان ولد يو‌ايل، سندس مائٽن مان آسف ولد برڪياہ ۽ سندس مائٽن بني مراريءَ مان ايتان ولد قوسياہ کي مقرر ڪيو.


انهن سڀني مان هيمان، آسف ۽ ايتان ٽليون وڄائي ڳائڻ تي مقرر ٿيا،


زارح جا جملي پنج پٽ هئا: زمري، ايتان، هيمان، ڪلڪول ۽ دارع.


انهن نگرانن جو شجرو هن طرح آهي. قهات جي خاندان مان هيمان ولد يوايل سازندن جو وڏو نگران هو. سندس شجرو هي آهي: هيمان ولد يوئيل ولد سموئيل


دنيا جي سڀني بادشاهن کي اهو شوق هوندو هو تہ هو سليمان وٽ حاضر رهي سندس ڏاهپ ٻڌن، جيڪا خدا سندس دل ۾ وڌي هئي.


اي خداوند! اي منهنجا خدا! تون منهنجو بچائيندڙ آهين، ڏينهن رات آءٌ تنهنجي حضور ۾ دانهون ٿو ڪريان.


ڏاهپ ۽ دانائيءَ جي جيڪا بہ ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي پنهنجي پوري بادشاهت جي سڀني جادوگرن ۽ نجومين کان ڏهہ ڀيرا وڌيڪ بهتر لڌو.


قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ وڏي پنڌ تان سليمان بادشاهہ جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ عظيم آهي.“


انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ سليمان بادشاهہ جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ عظيم آهي.


جنهن ۾ ڏاهپ ۽ ڄاڻ جا سڀ خزانا لڪل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ