فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي ملڪ، ويندي مصر جي سرحد تائين جيڪي بہ بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪمراني ڪندو هو. هو سليمان کي ٽيڪس ڏيندا هئا ۽ انهيءَ جي سڄي حياتيءَ تائين سندس راڄ ٿي رهيا.
سليمان حيرام بادشاهہ کي سندس محل جي لاءِ سيڌي سامان طور سوا پنجٽيهہ لک ڪلوگرام ڪڻڪ ۽ چار لک چاليهہ هزار ليٽر زيتون جو نج تيل ڏياري موڪليو. انهيءَ طرح سال بسال سليمان حيرام ڏانهن سيڌو سامان موڪليندو رهيو.
انهن مان ڪن کي هو پنهنجي لاءِ هزار هزار ماڻهن جو سالار ۽ ڪن کي پنجاهہ پنجاهہ ماڻهن جو سالار مقرر ڪندو. ڪن کي هو هر هلائڻ، فصل لڻڻ، جنگ جي هٿيارن جوڙڻ ۽ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي اوزارن ٺاهڻ لاءِ مقرر ڪندو.