Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 4:13 - Muslim Sindhi Bible

13 بن‌جبر: جِلعاد واري رامات شهر مٿان ۽ جِلعاد جي انهن ڳوٺن مٿان جيڪي منسيءَ جي اولاد مان يائير جي نسل جا آهن ۽ بسن واري ارجُوب علائقي مٿان، جتي جملي سٺ شهر ڪوٽن سان آهن، جن جي ٻاهرين دروازن تي پتل جا گز لڳل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 بن جبر، رامات جلعاد ۾؛ جنهن جي علائقي ۾ يائير بن منسيءَ جا شهر هئا، جي جلعاد ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي هٿ ۾ ارجوب جو حصو هو، جو بسن ۾ آهي، ۽ اُتي سٺ وڏا شهر ڀتين سان ۽ پتل جي گزن سان هئا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 4:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب يهوسفط جي روبرو پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ جِلعاد علائقي جو رامات شهر اسان جو آهي؟ پر انهيءَ هوندي بہ اسين ماٺ ڪيو ويٺا آهيون ۽ اهو ارام جي بادشاهہ جي قبضي مان نہ ٿا ڇڏايون.“


هوڏانهن نبين جي ٽولي مان هڪڙي کي اليشع نبيءَ گھرائي چيو تہ ”تياري ڪر ۽ زيتون جي تيل جي هيءَ دنگي کڻي رامات شهر ڏانهن وڃ.


پوءِ ييهوءَ يورام بادشاهہ جي خلاف منصوبو جوڙيو. هوڏانهن يورام يزرعيل شهر ۾ هو جتي هو انهن زخمن جي علاج لاءِ ويو هو جيڪي کيس اسرائيل جي لشڪر سان گڏ رامات شهر جي حفاظت ڪندي ارام جي بادشاهہ حزائيل خلاف جنگ ۾ رسيا هئا. سو ييهوءَ پنهنجي ساٿين کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون سان گڏ آهيو تہ پوءِ خيال ڪريو تہ متان ڪو ڪٿان نڪري وڃي يزرعيل شهر وارن کي اها خبر ٻڌائي.“


پر جسُور ۽ ارام جي بادشاهتن سٺ شهرن تي انهن جي ڳوٺن سميت قبضو ڪيو جن ۾ قنات شهر ۽ يائير جا ٽيويهہ شهر بہ شامل هئا. انهن ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو جِلعاد جي پيءُ مڪير جو اولاد هئا.


گھڻن دشمنن ويڙهاڪن ڏاندن جيان منهنجو اچي گھيرو ڪيو آهي. هائو، بسن ملڪ جي زورآور ڏاندن جيان هو مون کي وڪوڙي ويا آهن.


بسن جا جبل گھڻا وڏا جبل آهن، اهي جبل گھڻين چوٽين وارا آهن.


منسيءَ جي اولاد مان يائير چڙهائي ڪري اتي جي ڪجھہ ڳوٺن تي وڃي قبضو ڪيو ۽ انهن جو نالو ”يائير جا ڳوٺ“ رکيائين.


انهيءَ وقت ئي اسان هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا، ڪوبہ اهڙو شهر باقي نہ بچيو جيڪو اسان هٿ نہ ڪيو. اهڙيءَ طرح ارجُوب جو سڄو علائقو، جيڪو بسن ۾ عوج جي بادشاهت ۾ شامل هو ۽ جنهن ۾ سٺ شهر هئا سو اسان جي قبضي ۾ آيو.


انهيءَ وقت ئي اسان امورين جي ٻنهي بادشاهن کان اهو سڄو ملڪ کسي ورتو، جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف برساتي نهر ارنون کان وٺي حرمون جبل تائين آهي.


اهي شهر هي هئا: بني روبن جي لاءِ بصر شهر جيڪو بيابان جي وچ ۾ اوچي ميدان ۾ آهي، بني جد جي لاءِ رامات شهر جيڪو جِلعاد ۾ آهي ۽ بني منسيءَ جي لاءِ جولان شهر جيڪو بسن ۾ آهي.


اردن درياءَ جي اوڀر طرف يريحو شهر جي اوڀر واري بياباني ميدان ۾ روبن جي علائقي ۾ بصر شهر، جد قبيلي واري علائقي جِلعاد ۾ رامہ شهر، منسيءَ قبيلي واري علائقي بسن ۾ جولان شهر.


جد قبيلي مان کين هي چار شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت جِلعاد علائقي ۾ مليا: رامات، جيڪو خونيءَ لاءِ پناهہ جي شهرن مان هڪ هو، محنايم،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ