Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 3:9 - Muslim Sindhi Bible

9 سو مون پنهنجي ٻانهي کي سمجھہ ڀري دل عطا ڪر، جنهن سان آءٌ تنهنجي قوم مٿان انصاف سان حڪمراني ڪريان ۽ چڱي ۽ بري جي وچ ۾ تميز ڪري سگھان. نہ تہ ڪير آهي جيڪو تنهنجي هن وڏيءَ قوم تي حڪمراني ڪري سگھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تنهنڪري پنهنجي ٻانهي کي اهڙي سمجهہ ڀري دل ڏي تہ تنهنجي قوم جي عدالت ڪري، جنهنڪري آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان؛ ڇالاءِ جو ڪير هن تنهنجي وڏيءَ قوم جي عدالت ڪري سگهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 3:9
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اوهان جي ٻانهي سمجھي ٿي تہ پنهنجي آقا بادشاهہ جي ڳالهہ تسليءَ جهڙي هوندي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو آقا بادشاهہ چڱي ۽ بڇڙي جي پرکڻ ۾ خدا جي ملائڪ جهڙو آهي. شل خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ هجي.“


سڄي دنيا سليمان جي حضور ۾ اچڻ گھرندي هئي، تہ جيئن اُها دانائي ٻڌن جا خدا کيس ڏني هئي.


خداوند انهيءَ ڳالهہ ڪري خوش ٿيو جو سليمان اها شيءِ گھري.


جڏهن سڄي بني اسرائيل بادشاهہ جو اهو فيصلو ٻڌو تڏهن هو سندس بيحد تعظيم ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي دانائي آهي.


جڏهن خداوند بني اسرائيل کي تنهنجي حڪم هيٺ رکي، تڏهن شل هو تو کي عقل ۽ سمجھہ ڏئي تہ جيئن تون خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جي پيروي ڪري سگھين.


منهنجي پٽ سليمان کي دلي چاهہ عطا ڪر تہ هو تنهنجي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪري ۽ انهيءَ هيڪل کي مڪمل ڪري جنهن جي لاءِ مون پوري تياري ڪئي آهي.“


سو هاڻي مون کي ڏاهپ ۽ علم عطا ڪر تہ جيئن آءٌ صحيح نموني انهن جي اڳواڻي ڪري سگھان، نہ تہ تنهنجي هيڏي ساري قوم جي مٿان آءٌ ڪيئن انصاف سان حڪمراني ڪري سگھندس؟“


تنهنجي شريعت ازل کان ابد تائين سچي آهي، اي خداوند! مون کي سمجھہ عطا ڪر تہ آءٌ جيئرو رهان.


هائو، مون کي سمجھہ عطا ڪر تہ تنهنجي شريعت تي عمل ڪريان، ۽ پنهنجي دل وَ جان سان انهيءَ تي هلندو رهان.


مون کي تنهنجي هٿن بڻايو آهي، هائو، آءٌ تنهنجو ئي خلقيل آهيان. سو مون کي اهڙي سمجھہ عطا ڪر، جو آءٌ تنهنجو هر حڪم ڄاڻي وٺان.


عقلمند ماڻهو پنهنجي سمجھہ سان صحيح راهہ تي هلي ٿو، مگر بي‌عقل ماڻهو پنهنجي نادانيءَ سان پاڻ کي دوکو ٿو رسائي.


ڏاهپ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي، بلڪ سون کان بہ وڌيڪ افضل آهي.


ٻڌڻ لاءِ ڪن ۽ ڏسڻ لاءِ اکيون، اهي ٻيئي خداوند جي طرفان نعمتون آهن.


ڏاهپ ايڏي تہ چڱي آهي، جيڏو اهو قيمتي خزانو، جيڪو ابا ڏاڏا ورثي ۾ ڇڏي ويا هجن. اها هن ڌرتيءَ جي سڀني ماڻهن کي هميشہ لاءِ فائدو رسائي ٿي.


ڏاهي ماڻهوءَ لاءِ سندس ڏاهپ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جيڪا کيس شهر جي ڏهن طاقتور ماڻهن کان بہ وڌيڪ زورآور ٿي بڻائي.


تڏهن مون چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! مون کي تہ ڳالهائڻ جي بہ خبر ناهي، آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان.“


تہ پوءِ اي باروڪ! ڇو تون پنهنجي لاءِ عمديون شيون ڳوليندو ٿو وتين؟ ياد رک، انهن پٺيان نہ پَئُہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اعلان ٿو ڪريان تہ هر بني بشر تي آفت آڻيندس. پر تون جتي بہ ويندين اتي تو کي جيئدان ملندو.‘“


هو ئي وقتن کي ڦيري ڇڏي ٿو ۽ زمانا تبديل ٿو ڪري، هو ئي بادشاهن کي قائم ٿو ڪري ۽ کين معزول پڻ ڪري ٿو، هو ئي ڏاهن کي ڏاهپ ۽ عقلمندن کي ڄاڻ عطا ڪري ٿو.


آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان گناهن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو قدرت وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


پر يحيٰ کيس منع ڪرڻ لڳو ۽ چيائينس تہ ”مون کي تہ پاڻ اوهان کان بپتسما وٺڻ گھرجي ۽ اوهين وري مون وٽ آيا آهيو؟“


”آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن خدا مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي فيصلو ڪريان ٿو. تنهنڪري منهنجو فيصلو صحيح آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي مرضيءَ موجب نہ، بلڪ انهيءَ جي مرضيءَ موجب ڪم ڪريان ٿو، جنهن مون کي موڪليو آهي.


يعني ڪن جي واسطي اسين موت ڏيندڙ بوءِ آهيون تہ ڪن جي واسطي زندگي بخشيندڙ خوشبوءِ. تڏهن ڪير اها ذميواري کڻڻ جي لائق آهي؟


ائين نہ آهي تہ اسين پنهنجو پاڻ انهيءَ لائق آهيون جو ڪنهن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي لياقت خدا جي طرفان آهي.


انهيءَ ڪري نادان نہ ٿيو، پر سمجھو تہ خداوند عيسيٰ جي مرضي ڪهڙي آهي.


جنهن سان اوهين بهتر ڳالهين کي پرکي وٺو. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين اوهين صاف‌دل ۽ بي‌ڏوهي رهو.


جڏهن تہ سخت کاڌو پوريءَ عمر وارن جي لاءِ آهي، جيڪي آزمودي وسيلي ان لائق ٿي ويا آهن جو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق سمجھي سگھن.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.


پر جيڪا ڏاهپ آسمان کان ٿي ملي، سا پهريائين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ سُلجھيل هئڻ سان گڏ رحم ۽ هر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آهي. منجھس نہ طرفداري آهي ۽ نہ وري رياڪاري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ