1.بادشاهَہ 3:7 - Muslim Sindhi Bible7 هاڻ اي خداوند منهنجا خدا! تو مون پنهنجي ٻانهي کي منهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو آهي. پر آءٌ تہ هڪڙي ننڍڙي ٻار مثل آهيان ۽ خبر ڪانہ اٿم تہ ڪيئن اٿان ويهان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 ۽ هاڻي، اي خداوند منهنجا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي، منهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو آهي: ۽ آءٌ رڳو هڪڙو ننڍڙو ٻار آهيان؛ مون کي اها خبر نہ آهي تہ ڪيئن ٻاهر وڃان يا اندر اچان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.
هن کي انسانن منجھان هڪالي ڪڍيو ويو ۽ سندس انساني سوچ بدلائي جانورن جهڙي ڪئي ويئي. هو گورخرن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ ڍورن وانگر گاهہ کائيندو هو ۽ سندس بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسيل رهندو هو. اهو تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين هن قبول نہ ڪيو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو ۽ جنهن کي هو چاهي تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.